لاڙڪاڻي ۾ ڌيءُ فوت ٿيڻ تي همراهه هوش وڃائڻ بعد گم، احتجاج

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻي شھر ۾ پناهه وٺڻ دوران طوفاني برساتن ۾ ريلوي گدام جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم ڌيءُ فوت ٿيڻ جي صدمي ۾  هوش وڃائڻ کانپوءِ گم ٿي ويل بلوچستان واسي برسات متاثر نوجوان جي ڳولا ۾ مدد لاءِ وارثن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي بلوچستان جي اوستا محمد واسي عورت بيب ناز جمالي پنهنجي ڀاءُ شير علي جمالي، ڀاڄائي حنيفه ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو تہ بلوچستان ۾ تازو پيل طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب اسان جو علائقي پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪا به شيءَ نه بچي سگهي، صرف اسان پنهنجا سر بچائي تقريبن مهينو اڳ لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن جي گدام ۾ پناهه ورتي، پر وڌيڪ طوفاني برساتن پوڻ سبب ريلوي گدام جي ڇت اسان سمورن ڀاتين مٿان ڪري پئي، جنهن حادثي جي نتيجي ۾ منهنجي 7 ورهين جي معصوم نياڻي گلزيب دٻجي فوت ٿي وئي، اهڙي صدمي منهنجو زخمي ٿيل مڙس ڌڻي بخش جمالي هوش وڃائي ويٺو، جيڪو ان ڏينهن کان وٺي گم ٿيل آهي، پوليس اسان جي ڪا به مدد نه پئي ڪري. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته لاپتا ٿي ويل مڙس ڌڻي بخش جماليءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.