دڙي جي سرڪاري اسپتال مان ايڪسري ٽيبل چوري

دڙو (ن ع آ) دڙي جي سرڪاري اسپتال ۾ ٽن چوڪيدارن جي مقرر هئڻ باوجود چور اسپتال مان 8 کان 10 مڻ وزني ايڪسري جي ٽيبل مبينا طور چوري ڪري ويا، جنهن جي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي. ان ڏس ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالخالق ميمڻ ٻڌايو ته ٽي سال اڳ مرف ايڪسري ٽيبل کي ناڪارا ڄاڻائي ٻاهر رکي ڇڏي هئي جيڪا اسپتال جي ڪمپائونڊ وال اندر مک گيٽ ڀرسان پيل هئي، اها گذريل رات چوري ٿي وئي، اسان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.