ڏوڪري واسي ٻن دوستن سان سعودي ۾حادثو، ٻئي فوت

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو ۽ڳوٺ بيدي لاشاري واسي ٻه دوست 25سالہ عابد حسين لاشاري  ۽ 45 سال ديدار حسين ٽڳڙ سعودي عرب جي شهر جدہ مان پنھنجي گاڏي تي وڃي رهيا هئا ته سندن جي گاڏي اوچتو  ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي دوست عابد حسين لاشاري ۽ ديدار حسين ٽڳڙ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. ، جنهن بعد سعودي پوليس قانوني ڪارروائي بعد ٻنهي فوتين جا مڙھ سندن جي دوستن جي حوالي ڪيا ۽ اھڙي واقعي جو اطلاع سندن جي ڳوٺن فوتين جي وارثن کي ڏنو ته فوتين جي گھرن۾ڪھرام مچي ويو ۽ روڄ راڙو پئجي ويو، جنهن بعد فوتين نوجوانن جي وارثن جي مرضي مطابق ٻنهي دوستن جا مڙھ سعودي عرب جده۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، ھوڏانھن ٻنهي فوتين جي ڳوٺن۾الڳ الڳ تڏا وڇايا ويا آهن ۽ سندن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.