ڏهرڪي لڳ برسات بعد گيسٽرو پکڙجي وئي، نينگري فوت، انگ 3 ٿي ويو

ڏهرڪي  ( ت ر ) ڏهرڪي تعلقي جي کينجھو ٿاڻي جي حد ۾ تازين برساتن سبب مليريا نمونيا ۽ گيسٽرو جي مرضن ڪر کنيو آهي  ڊسٽرڪٽ انتظاميه ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ وارا ننڊ ۾ ستل علائقي ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو  ، ڳوٺ محمد ھاشم شر ۾  پورھيت اڪبر شر جي 10سالن جي نينگري ميھڻ شر گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي. ، پورھيت اڪبر شر جي ڏھ سالن جي نينگري گيسٽرو سبب بيھوش ٿي وئي هئي ته علائقي ۾ ڪابه سرڪاري يا نجي اسپتال نه هجڻ ڪري سندس وارث نجي اسپتال کڻائي وڃي رھيا ھئا ته هن رستي  ٿي دم ڌڻي حوالي، وارثن موجب سھولت نه ھجڻ ڪري نينگري فوت ٿي وئي، ياد رهي ته کينجھو جي علائقي ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وگھي فوتين جو انگ 3 ٿي ويو ضلعي انتظاميه پاران ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا آھن علائقي واسي سخت پريشان ، ڊي سي گھوٽڪي توڙي وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.