ڪنري ۾ شادي ڪاڄ ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

ڪنري (ت ر) ڪنري جي شهباز محلي ۾ شادي جي تقريب ۾ خوشي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گولي  لڳڻ سبب ايشور لوهار ۽ حمزا پٺاڻ زخمي ٿي پيا زخمين کي ڪنري تعلقي اسپتال آندو ويو. . جتان زخمي ايشور لوهار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. پٺاڻ برادري ۾ شادي تقريب دوران خوشي ۾ فائرنگ ڪئي ويئي. زخمي ايشور لوهار پٺاڻن وٽ دوڪان تي مزدوري ڪندو آھي.

  • ڊگھڙي ڀرسان گهر جي ڇت هيٺان دٻجي زخمي ٿيل عورت فوت

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان ڪنگورو موري اسٽاپ ديهھ165 ۾ 25آگسٽ تي برسات  دوران غلام محمد مڱڻهار جي گهر جي ورانڊي  جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ دٻجي زخمي ٿيل عورت ڪلثوم زال حنيف مڱڻهار حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.ياد رهي ته فوتڻ جو 8 ورهين جو  پٽ اذان پن گهر جي ڇت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو .

  • روهڙي ۾ گاڏي موٽر سائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو

سکر ( رپورٽر ) روهڙي باءِ واري علائقي جھانگھڙو ٿاڻي جي حد جسڪاڻي موڙ وٽ نامعلوم گاڏي 23 سال جي موٽر سائيڪل  سوار نوجوان محمد فضل کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو. ، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مرحوم نوجوان جا وارث اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهيا هئا.

  • گڏاپ ۾ دڪان کي باهه، لکن جو نققصان، مالڪ جا مٿي تي هٿ

گڏاپ(  رپورٽ ممتاز شيخ ) گڏاپ جي نورخان ڳوٺ گهٽي نمبر 5 ۾ ويلڪم جنرل اسٽور کي رات جو بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب  دوڪاندار الطاف حسين ولد حيات خان جي لکين روپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو دوڪاندار ٻڌايو ته باھ لڳڻ سان ڏھ کان ٻارنهن لکن جو نقصان ٿيو آھي هن چيو ته محلا ڪاميٽي نورخان ڳوٺ ڀٽائي ويلفئير جو سربراه علي گل رند ۔ فوجي ممتاز جکراڻي جن پنهنجي ساٿين سان پهچي باھ وسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي مسلسل ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوء باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ مارڪيٽ جي ٻين دوڪانن کي وڏي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي.  ان موقعي تي محلا ڪاميٽي جي صدر علي گل رند فوجي ممتاز جکراڻي ۽ ٻين ايسٽ نيشنل پريس ڪلب ڪراچي جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پرچون جي دوڪان ۾ باھ لڳڻ سبب غريب دوڪاندار جو ڏه کان ٻارنهن لک روپين جو نقصان ٿيو  آهي فائير برگيڊ عملو نه هجڻ سبب وڌيڪ نقصان ٿيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.