افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو ھڪ سال ۽ افغان عورتن جو مستقبل

تحرير: آصف ٿيٻو

افغانستان ۾ ٻن ڏھاڪن کان آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي قبضي کان پوءِ گذريل سال پندرنھن آگسٽ تي طالبان قيادت ٻيھر حڪومت ۾ پير پاتو. اقتدار تي قبضو حاصل ڪرڻ کان پوءِ طالبان قيادت عالمي طاقتن خاص ڪري آمريڪا کي اھو يقين ڏياريو ھو ته افغان عورتن کي شرعي قانون مطابق بنيادي انساني حق حاصل ھوندا. عورتن کي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا پڻ فراھم ڪيا ويندا. پر طالبان قيادت پنھنجي ڪيل ان واعدي کي نه پاڙيو ۽ پوئتي ھٽي ويا.

تازوگڏيل قومن جي انساني حقن جي ماھرن افغان عورتن جي حوالي سان ھڪ رپورٽ پڌري ڪئي آھي، جنھن ۾ انھن ڄاڻايو آھي ته افغان طالبانن جو طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ عورتن جي حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي. ان کان سواءِ عورتن جي حقن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آھن، ايتري قدر جو حڪومتي ۽ انتظامي معاملن کان عورتن کي بيدخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته عورتن جي معاملن جي وزارت پڻ ختم ڪئي وئي آھي.ان کان سواءِ افغانستان جي صوبي (پڪيتا) ۾ ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪيا ويا آھن،جنھن خلاف ثانوي درجي جي ڇوڪرين پاران احتجاج ڪيو ويو. يونيسيف مطابق ٽي لک ثانوي تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪريون ھڪ سال کان  وڌيڪ عرصي کان اسڪول کان ٻاھر آھن. ان سموري صورتحال مان لڳي ائين رھيو آھي ته طالبان ھڪ دفعو ٻيھر 1996 2001 واري منظم پوزيشن ۾ اچي رھيا آھن. افغانستان ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن خطي ۽ عالمي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رھيو آھي.

1970 جي ڏھاڪي جي تڪرار تائين عورتن جي حقن جي حوالي سان اھم پيش رفت ٿيندي رھي. ايمنسٽي انٽرنيشنل مطابق افغان عورتون پھريون ڀيرو 1919ع ۾ ووٽ ڏيڻ جي اھل بڻيون. صرف ھڪ سال بعد جڏھن برطانيه ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو جڏھن ته ھڪ سال اڳ آمريڪا ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي، ان کان سواء 1950ع واري ڏھاڪي ۾ پردي ( جنسي علحدگي) کي ختم ڪيو ويو.1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھڪ نئون آئين زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ عورتن جي لاءِ سماجي ۽ سياسي برابري جو سبب بڻيو. پر 1970 ۾ سويت يونين تي قبضي دوران 80 ۽ 90 جي ڏھاڪي ۾ مجاھدن جي گروپن ۽ سرڪاري فوجن جي وچ ۾ گھرو ويڙھ کان پوءِ طالبان حڪومت ۾ افغانستان جي صورتحال ئي تبديل ٿي وئي، عورتن کي سندن حقن تان تيزي سان پوئتي ڌڪيو ويو. جنھن کان پوءِ افغانستان جي سر زمين افغان عورتن لاءِ دوزخ بڻجندي وئي. افغانستان ۾ ٻن ڏھاڪن کان آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي قبضي کان پوءِ پندرنھن آگسٽ 2011 ۾ طالبان قيادت آمريڪي فوجن جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻيھر حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون. جنھن کان پوءِ سياسي صورتحال وڌيڪ بدتر ٿيندي وئي. سياسي ،سماجي ۽ سياسي حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون،ڇاڪاڻ ته افغانستان گذريل ٽن ڏھاڪن کان عالمي امداد تي پلجندو رھيو آھي،آمريڪا ۽ اتحادي فوجن جي واپسي کان پوءِ ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو.

سياسي مفادن جي عالمي جنگ ۾ اشرف غني کان پوءِ عالمي امداد تي پلجندڙ افغانستان ھيئنر دنيا ڏانھن نھاري رھيو آھي.جنھن کان پوء عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم کي نشانو بڻايو ويو طالبان حڪومت اچڻ کان پوءِ دنيا جو نظرون پاڻ ڏانھن ڪرڻ لاءِ عورتن کي سماجي ۽ تعليمي حوالي سان بندوق جي نشاني تي رکيو.کين نوڪرين ،۽ تعليمي ميدان مان ٻاھر ڪڍيو ويو.جنھن کان پوء مختلف شھرن ۾ سوين عورتن پاران احتجاج به ڪيا ويا. جنھن کان پوءِ گڏيل قومن جو ادارو حرڪت ۾ آيو ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي کي روڪڻ لاءِ رپورٽ جاري ڪئي.

(According to a UN human rights monitor, the Taliban government’s restrictions on women are intended to make them "invisible” in Afghan society).

طالبانن جو حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ عورتن سان جنسي بنياد جي فرق تي کين نوڪرين مان ڪڍيو ويو آھي. منسٽري آف ليبر جي اڳوڻ شرف الدين شرف چيو آھي ته شرعي قانون مطابق اھو ممڪن ناھي ته عورتون ۽ مرد ھڪ ئي آفيس ۾ گڏجي ڪم ڪن. ملڪ ۾ عورتن کي ڪم تان برطرف ڪرڻ واري معاملي کان پوءِ عورت تنظيمن پاران احتجاج به ڪيا ويا آھن، ان حوالي سان ليبر اڳواڻ جو اھو موقف آھي ته عورتون ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو حاضري لڳائي وينديون آھي،پگھار کين گھر موڪلي ويندي آھي. گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي رپورٽر رچرڊ بينيٽ جينوا ۾ ان ڳالهه جو اظھار ڪيو آھي ته دنيا ۾ ڪو اھڙو ملڪ ناھي جتي عورتن کي صرف جنس جي بنياد تي کيس تعليم جھڙي بنيادي انساني حق کان محروم رکيو وڃي. ماھرن ان ڳالهه کان به آگاھ ڪيو آھي ته،نسلي،مذھبي،لساني،اقليتي طور،ھزارا،تاجڪ،ھندو ۽ ٻين بردارين سان تعلق رکندڙ عورتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماھرن جو اھو به چوڻ آھي ته افغان عورتن سان جنسي استحصال،جبري شاديون ڪرڻ ،انساني اسمگلنگ سان گڏوگڏ جبري مزدوري به شامل آھي. ان کان سواءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر نه ڪرڻ ۽ ڊريس ڪوڊ جھڙيون سخت قسم جون پاليسيون جوڙي افغان عورتن کي بنيادي انساني حقن کان دستبردار ڪيو پيو وڃي،جيڪا ھڪ الارمنگ واري صورتحال جڙي رھي آھي. ڏٺو وڃي ته سماجي ترقي ۾ عورت جو تمام وڏو شاندار ڪردار رھيو آھي. سماج جي ھر پاسي کان عورت جي تعليم يافته ھجڻ جا ڪيترائي فائدا آھن،صحتمند خاندان،ٻارن جي تربيت تعليم،خانداني منصوبابندي،معاشي جوڙجڪ ۾ ھڪ عورت جو نمايان ڪردار ھوندو آھي.

گڏيل قومن پاران ست سيپٽمبر تي جاري ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ خبردار ڪيو ويو آھي ته عورت جو مڪمل طور تي خودمختيار ٿيڻ واري عمل کي اڃا صديون لڳنديون.

Achieving full gender equality is still centuries away, warns the United Nations in a new report

طالبان قيادت پاران عوامي ۽ سياسي معاملن ۾ به عورتن جي خودمختياري کي چيلينج ڪيو ويو آھي. انھن سخت گير پاليسين عورتن جي ذھني ۽ زندگي گذارڻ جي صلاحيتن کي به متاثر ڪيو آھي ۽ عورتن کي وڌيڪ غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف طالبان قيادت جو اھو موقف آھي ته اھا پابندي عارضي آھي. فنڊن جي غيرموجودگي جي ڪري گھربل وقت جي ضرورت آھي ته جيئن شرعي قانون مطابق سندن نصاب ترتيب ڏئي سگھجي. افغانستان جي تعليمي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي تعليم ثقافتي مسئلو آھي،ڳوٺاڻي آبادي سان تعلق رکندڙ قبائلي ماڻھو ڇوڪرين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي حمايت ۾ ناھن.ماھرن جو چوڻ آھي ته گذريل سال جڏھن کان طالبان اقتدار ۾ آيا آھن تڏھن کان انھن عورتن جي حوالي سان سخت قسم جون پابنديون لاڳو ڪيون آھن، کين ان ڳالهه لاءِ پابند ڪيو ويو آھي ته شرعي قانون مطابق تعليم حاصل ڪن. ان کاڻ سواءِ عورتن جي معاملن جي وزارت کي بند ڪري ڇڏيو آھي،ان جي جاء تي نيڪي جي واڌاري ۽ برائي جي روڪٿام لاءِ وزارت قائم ڪئي آھي.

ٻئي طرف کين عوامي ھنڌن تي پردو يا نقاب پائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن. گڏيل قومن جي افغان مشن ۾ اھو واضع ڪيو ويو آھي ته طالبان حڪمران لاقانونيت جو مظاھرو ڪري رھيا آھن. گذريل ڏھن مھينن جي اندر عدالتن کان مٿانھان قتل ۽ وڌندڙ تشدد جو سلسلو جاري آھي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيلن ۾ اڳوڻي حڪومت ۽ ان سان سيڪيورٽي فورسز سان لاڳاپيل ماڻھو آھن. جنھن ۾ 160 کان وڌيڪ عدالتن کان مٿانھان قتل ،178 بنا جواز گرفتاريون، ۽ اڳوڻي سرڪاري ملازمن سان تشدد ۽ بدسلوڪي جا 56 واقعا شامل آھن.عورتن ۽ ڇوڪرين کي جديد طرز تعليم ۾ حصو وٺڻ ،ڪم ڪار جي جڳھين، عوامي جڳھين تي پڻ پابنديون آھن. يو اين اي ايم اي مطابق 2،106 شھرين کي نشانو بڻايو ويو آھي ،جنھن مان 1،406 ماڻھو زخمي ٿيا. آمريڪي فوجن جي ھن خطي مان واپسي ماضي وانگر ھڪ غلطي ثابت ٿي رھي آھي،جڏھن سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوء آمريڪا افغانستان کي  لاوارث ڇڏي ويو،جنھن کان پوءِ طالبان پنھنجي اصلي طاقت ۾ آيا ۽ نه رڳو ھن خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيا، پر عالمي امن کي به نقصان پھچايو، وورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو ۽ دنيا ۾ وڌندڙ دھشتگردي جي واقعن دنيا جي امن کي تباھ ڪري ڇڏيو،ان سموري صورتحال کي سامھون رکندي ان ڳالهه جو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته افغانستان ۾ ٻيھر طالبان حڪومت کان پوء خطي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي،افغانستان ھڪ ڀيرو ٻيھر دنيا لاءِ خطرو ثابت ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.