پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن کي بحال ڪرڻ کان سواءِ بچي نٿو سگهجي

تحرير: علي نواز هنڱورو

ماحولياتي گدلاڻ جي ڪارڻ وڌندڙ ڌرتيءَ جي گولي جي گرمي جي ڪري اسان جي مونسون هوائن واري خطي جنهن ۾ ننڍو کنڊ سرفهرست آهي، اهو مسلسل ٻوڏ توڙي سامونڊي طوفانن جي خطري جي وڏي رسڪ واري جاءِ والاري چڪو آهي، جنهن ۾ 1935 کان وٺي اڄ تائين تقريبن 20 ٻوڏون، 13 زلزلا، ٻه سائيڪلون، ٻه سوڪهڙي وارا سال رهيا آهن، گرمي جي درجي جي غير معمولي واڌ جي ڪري مسلسل ماحول جو پريشر گهٽ هئڻ ڪري ڇڙواڳ هوائن جي ورچڙهيل رهي ٿو، جنهن ۾ اپريل کان ويندي جولاءِ مهيني تائين اهڙي طرح گڏيل طور ٿڌ ۾ واڌ جنهن ۾ هيلوڪي سال ڪوئيٽا، مري سائيڊ برفباري جي ڪري وڏو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ الاهي ساريون جانيون ضايع ٿيون، سوين ماڻهو ٻن ٽن ڏينهن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيا، پاڪستان جي تاريخ ۾ 1935 کان وٺي اڄ تائين 70 جي لڳ ڀڳ قدرتي آفتون اچي چڪيون آهن، جنهن ۾ هزارين ماڻهو پنهنجون جانيون، گهر، ٻنيون ٻارا وڃائي چڪا آهن.

قدرت جو قانون آهي، جيڪو ان سان گڏ هليو اهو جي سگهندو باقي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو، دنيا گلوبل وارمنگ مان سبق سکندي پنهنجي جيئڻ رهڻ جا انداز بدلائي قدرتي ماحول جيان تبديل ٿي رهي آهي، اڄ ڌرتي جي وڌندڙ گرمي پد جي ڪري يورپ سخت گرمي جي لپيٽ جي ڪري اتي سوڪهڙي پوڻ جا خطرا وڌي رهيا آهن، جيڪا يورپ لاءِ تمام وڏي خطري جي گهنٽي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان مونسون هوائن جي خطي جا رهائشي فريڪونٽلي ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پر پوءِ خاطر خواه اجتماعي طور ٻوڏ قدرتي طور اسان لاءِ سوڪهڙي کان وڌيڪ بهتر آهي، پر اسان کي پنهنجي زندگي جا انداز هاڻي بدلائي ان امڪاني ٻوڏ طور سيٽل ڪرڻا پوندا ۽ ايندڙ سالن ۾ 2010 ۽ هن سال کان به وڌيڪ ٻوڏن جا خطرا اسان کي برداشت ڪرڻا پوندا ۽ ان ٻوڏ کي پنهنجي وسيلن ۾ تبديل ڪري پنهنجي جي ڊي پي ۾ شامل ڪرڻو پوندو، اسان جو ملڪ برساتن جي فهرست ۾ 150 کان پوءِ اچي ٿو، جڏهن ته ڌرتي تي اهڙا ملڪ به آهن، جيڪي سڄو سال مينهن وسندڙ توڙي گهم واري آبهوا کي منهن ڏئي رهيا آهن.

اسان کي مها ٻوڏ 2010 جي تباهيءَ مان سکڻو هو ۽ ان مطابق پنهنجي پاڻي جي قدرتي توڙي آرٽيفشل يعني ايل بي او ڊي توڙي نارا ايم اين وي ڊرين کي فعال ڪري اڄ جي تباهي کان بچي پئي سگهياسين، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پرويز مشرف هڪ ڊڪٽيٽر ٿي ڪري پاڪستان جي انفرا اسٽيڪچر تي پاڪستاني تاريخ ۾ وڏو ڪم ڪيو، جنهن ۾ روڊ رستن کان وٺي شهرن جي ٽريفڪ کي مدنظر رکندي فلاءِ اوور، اسڪولن جون بلڊنگون، توڙي آبپاشي جي نظام واٽر ڪورس شاخن جا به تمام گهڻا ڪم ڪرايا، پر اسان کي جمهوريت مان ڪوبه فائدو نه ٿي سگهيو آهي.

مها ٻوڏ ۾ ملندڙ امداد اسان کي قدرتي طور ٿيندڙ تبديلي ۽ مستقبل ۾ ايندڙ ٻوڏن کي نظر ۾ رکندي اسان کي ڊرينيج جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کپندي هئي، ان وقت صدر زرداري ماڻهن کي پنڻ تي هيرائي پنهنجي ذاتي مفادن تحت ماڻهن ۾ وطن ڪارڊ جي نالي سان هير وڌي ۽ اڄ تائين اسان ان ۾ لوڙي رهيا آهيون ۽ ايندڙ وقتن ۾ شايد اسان جا حڪمران هٿن سان ملڪ کي ٻوڙي امداد وصول ڪري پنهنجا کيسا گرم ڪندا رهندا ۽ اسان جا هر سال ٽپڙ ڪلهي تي هوندا. جڏهن ته بنگلاديش هر ڏهين سال ٻوڏ کي منهن ڏيئي رهيو آهي، پر ان امداد جي بدلي دنيا جي ملڪن کان پنهنجي ماڻهن جي مفت ويزا جي پاليسي تي عمل ڪرايو ۽ اڄ ان جي جي ڊي پي هڪ بهترين انڪم جو ذريعو سندن ٻاهر رهندڙ ماڻهو آهن ۽ هن جو ٽڪو اسان جي روپيه جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، پر اسان جا سياستدان پنڻ جي خاطر عوام کي وڏي عذاب ۾ وجهي رهيا آهن.

مختلف ميڊيا جي ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته 2010 واري برسات ۾ اسان جي بيراجن مان يارهن لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو، جنهن ۾ صرف سنڌو درياهه جي اولهه وارو حصو متاثر ٿيو هو، پر هن ڀيري صرف 7 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ ۾ انهن سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏي آهي، اهي علائقا ٻوڙيا ويا، جيڪي زراعت جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا، انهن ۾ هر سال هزارين ٽن ساريون، ڪپهه، ڪمند ۽ چيٽ ۾ تمام بهترين ڪڻڪ ٿيندي آهي، پر انهن ڀوتارن کي ۽ وقت جي حڪمرانن ۾ ڪوبه زراعت ۽ ماحوليات جو ماهر ناهي، جيڪو اندازو لڳائي سگهي ته ڇا هلندڙ سال چيٽ جو فصل ٿيندو يا نه ايندڙ چيٽ جي فصل نه ٿيڻ جا ايندڙ سال تمام وڏا خطرا اثر پيدا ٿيندا، فوڊ سيڪيورٽي تي ڪم ڪندڙ ادارا ٻڌائين ٿا ته اڄ جي وڌندڙ آبادي جي پوراءَ لاءِ وڌيڪ کاڌي جي ضرورت آهي، ان تي وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ گلوبل وارمنگ آهي، جيڪا پڻ سڌو سنئون موسمن تي اثرانداز ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ سال فوڊ سيڪورٽي طور اسان هاءِ رسڪ ۾ هليا ويندسين، ڇاڪاڻ ته اسان هن ٻوڏ ۾ پنهنجو زرعي حب وڃائي چڪا آهيون، 2010 واري ٻوڏ کان وڌيڪ هي ٻوڏ خطرناڪ آهي، هڪ ڪرونا لاڪ ڊائون مٿان مڪڙن جي حملي گلوبل وارمنگ جي اثرن جي ڪري ماڻهو پئسي جي لحاظ کان الاهي پٺتي پيل آهن، هن ڀيري وڏي انساني الميي ٿيڻ جا امڪان آهن، الاهي ماڻهو بکن ۽ بيمارين ۾ مرڻ لڳندا.

 

اڄ ڪيميرا جي اک هر ماڻهو جي هٿ ۾ آهي، تازو حڪومت جي طرفان متاثرن جي لاءِ ايندڙ غير مطمئن ڪندڙ مدد کان سڄي دنيا واقف آهي، اسان جي قدرتي آفتن جو ادارو جيڪو 2010 جي ٻوڏ جي دوران به فلاپ ويو هو، اهو اڄ به فلاپ ٿيندي نظر پيو اچي، ڇاڪاڻ ته هن اداري جو ڪم ماڻهن کي صرف ريسڪيو ڪرڻ ناهي، بلڪ انهن جي مٿان ايندڙ قدرتي آفتن جي ايڊوانس بندوبست ۽ ايندڙ خطرن کان واقف ڪري ان  بابت ڄاڻ توڙي مٽيريل ڏيڻ به هن اداري جو ڪم آهي، اهو هي سرانجام نه ڏئي سگهيو آهي ۽ هر دفعي وانگر موقعو هٿ مان وڃائي وڏو نقصان ڪري ان کان پوءِ انهن کي ريسڪيو ڪري دنيا کي ڏيکاري فنڊ وٺڻ ئي باقي سندن فرض وڃي بچيو آهي، ان جا سبب به ڊي ميرٽ ۽ غير تجربيڪار رٽائرڊ ڪامورا آهن، جيڪي ماحوليات توڙي تازن مسئلن جي مطابق مدي خارج آهن، اهي ماڻهن کي نه صحيح آگاهي ڏئي سگهيا آهن ۽ نه ئي ريسڪيو ڪري سگهيا آهن، وڏي الميي جي ڳالهه ته اها آهي ته پاڪستان جي ميٽرالاجي جي ايڪسپرٽ 3 مهينا اڳ برساتن جي غير معمولي وسڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي، پر ان وقت مدي خارج حڪومت توڙي ادارا اگهور ننڊ ۾ ستل رهيا ۽ مٿان سانوڻ جي برساتن ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪري ڇڏي ۽ اسان جي قدرتي توڙي هٿرادو پاڻي جي خارج ڪرڻ جو نظام ناڪاره رهيو ۽ اسان سڄي سنڌ کي ٻڏندي ڏسي رهيا آهيون. وڏي بي حسي جي ڳالهه ته اها آهي، ته اڄ سکر بيراج جا سڀ واهه بند هئڻ باوجود آبپاشي جي عملدارن جي نااهلي جي ڪري ناجائز ٻين جا پاڻي شاخن ۾ لفٽن جي ذريعي خارج ڪري رهيا آهي، جنهن جا ناڪاري اثر وري پڇڙ جي ماڻهن تي پئجي رهيا آهن.

يعني اڄ اسان جي ڀوتارن عوام کي بلڪل نظرانداز ڪري موت جي آسري ڇڏي ڏنو آهي، اگر هن ڀيري ٻوڏ کان بچيل عوام ۾ تبديلي نه آئي ته اسان جا حال سوماليا ۽ ايٿوپيا جهڙا ٿيڻ وارا آهن.

وزيراعظم توڙي بلاول ڀٽو به صرف ھوائي دورو ڪري پنهنجي آرامگاهن ڏانهن واپس موٽي ويا، سنڌ گورنمينٽ ته سنڌ جي ماڻهن سان ويڳاڻپ جو مظاهرو ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ متاثر ماڻهن کي ڪراچي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ منگهوپير پير وٽ افغانين ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي لساني انتهاپسند جي اڳواڻي ۾ احتجاج توڙي متاثرن جي گاڏين کي بيهاري انهن جي تذليل پڻ ڪئي وئي، پر سنڌ گورنمينٽ جي طرفان ڌرتي ڌڻين جي فيور ۾ ڪوبه بيان نه آيو، سنڌ جي ميڊيا جي پليٽ فارم تان سنڌ گورنمينٽ جي ڪراچي جي خاص معاون مرتضيٰ وهاب جو اندر ساڙيندڙ بيان آيل هو ته ٻوڏ متاثرن جي آڙ ۾ قبضا ڪندڙ ماڻهو به اچي رهيا آهن، اسان کي افسوس ٿيندو آهي، اڄ هن مشڪل گهڙي ۾ پنهنجن جو ساٿ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي.

ٻئي پاسي سماجي ڪم ڪندڙ ظفر عباس طرفان اعتراف ڪيو ويو آهي ته مصطفي ڪمال پاران ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته امداد کڻي ويندڙ ٽرڪن ۾ واپس متاثر ماڻهن کي ڇو ڪراچي آندو پيو وڃي، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ جي ڪر اهي سماجي شخصيتون ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳتي نه اچن ها ته شايد هزارين ماڻهو موت جو شڪار ٿين ها، ڇاڪاڻ ته قدرتي آفتن جو ادارو ماڻهن کان وڌيڪ سياستدانن جي خدمت ۾ پورو آهي ۽ انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ميٽنگن ۾ مصروف آهي ته ڪٿان ڪٿان ڪٽ ڏئي باقي بچيل ماڻهو ٻوڙڻا آهن، جيڪڏھن ماحولياتي ماهر هن اداري ۾ هجن ها ته شايد سڄي سنڌ نه ٻڏي ها، گذريل ٻوڏ کان سکي ڪري هن ٻوڏ جو بندوبست ڪري ايڏي وڏي نقصان ۽ تباھي کان بچي سگهون ها.

هن ٻوڏ ۾  سنڌ جي انفرااسٽريڪچر کي وڏو نقصان پهتو آهي، Tجنهن جو ازالو ٻاهرين امداد ڪونه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته اسان جا سياسي ڀوتار ايندڙ مستقبل جي بچاءَ جي بدلي پنهنجي پنڻ واري قسطي کي هرگز نه ڇڏيندا، ان کي ايندڙ ٻوڏ جي انتظار تائين چمڪائي يعني وري نئين ٻوڏ ۽ سيلاب جو انتظار ڪندا.

ڌرتي جي گولي جي وڌندڙ گرمي پد جي ڪري اسان جو مونسون ايريا ٻوڏ جي حوالي سان هاءِ رسڪ ٿي ويو آهي. اسان کي ايندڙ سالن ۾ ان کان وڏين ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پوندو، فطرت سان گڏ هاڻي اسان کي پنهنجي پاڻ کي مضبوط بنائڻو پوندو، تازي ٻوڏ کي هٿرادو نقصانڪار بڻايو ويو آهي، هاڻي اسان کي فطرت  سان گڏ هلڻو پوندو، قدرتي پاڻي جا لنگهھ بحال ڪري برساتي ۽ سيلابي پاڻي کي قدرتي لنگھن جي ذريعي سمنڊ ۾ ڇڏڻو پوندو ته جيئن ٻوڏن جي صورت ۾ گھٽ کان گھٽ نقصان ٿئي ۽ ھي قوم بک بدحالي واري لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.