يو ايس ايڊ جي سهڪار سان ٻارڙن کي ڪورونا ويڪسينيشن واري مهم شروع

پاڪستان ۾ قائم آمريڪي مشن جي نائب سربراهه ۽ سنڌ جِي صحت جي وزير طرفان لکين ٻارن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين ڏيڻ واري مهم جي شروعات ٿي وئي آهي

آمريڪي مشن جي نائب سربراه اينڊريو شوفر ۽ سنڌ جي صحت جي وزير ڊاڪٽرعذرا فضل پيچوهو آمريڪي سرڪار طرفان پاڪستاني عوام لاءِ عطيو ڪيل ڪورونا ويڪسين ڊوز ڏيئي ٻارن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين ڏيڻ واري مهم جو افتتاح ڪيو.

هن مهم جي پهرئين مرحلي ۾ 5 کان 11 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي ڪورونا وئڪسين جا هڪ ڪروڙ 60 لک ڊوز ڏنا ويندا.

افتتاحي تقريب ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري ذوالفقار شاه، صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

آمريڪي مشن جي نائب سربراهه شوفر چيو ته “آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستاني عوام لاءِ عطيو ڪيل ويڪسين 5 کان 11 سالن جي عمر جي ٻارن کي ڏني پئي وڃي جڏهن ته آمريڪا يو ايس ايڊ ذريعي ڪورونا جي مڪمل خاتمي تائين سنڌ جي صحت کاتي سوڌو پاڪستان جي عوام سان ڀرپور سهڪار جاري رکندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.