هٿن سان کاڌو کائڻ جا شگر جي بچاءَ سميت صحت لاءِ انيڪ فائدا

مسلمان هجڻ جي ناطي سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جي لاءِ هٿن سان کاڌو کائڻ ۽ آخر ۾ آڱريون چٽڻ هڪ سنت آهي. جڏهن ته اولهه جا ملڪ اهڙي عادت کي سُٺو ناهن سمجهندا ۽ هاڻي ته مسلمان به هٿن سان کاڌو کائڻ بدران چمچن سان کاڌو کائڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.

ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته الله پاڪ جي فرمان ۽ حضور صلعم جو ڪو به حڪم ڪنهن به حڪمت کانسواءِ ناهي هوندو. انڪري هٿن سان کاڌو کائڻ ۽ آڱريون چٽڻ به وڏي حڪمت آهي ۽ هٿن سان کاڌو کائڻ جا وڏا فائدا آهن.

دماغ سان ڳانڍاپو

جڏهن توهان چمچي سان کاڌو کائيندا آهيو ته توهان جو دماغ کاڌي جي ساخت ۽ گرمي پد کي سمجهي ناهي سگهندو اهو ئي سبب آهي ته توهان کاڌي جي حرارت کي سمجهڻ جي بدران ئي گرم کاڌو پنهنجي وات ۾ وجهندا آهيو.

پر جڏهن توهان هٿن سان کائيندا آهيو ته هن ۾ موجود لڪيرون کاڌي جي حرارت کي اڳ ۾ محسوس ڪري وٺنديون آهن ۽ اهڙي ريت توهان جي زبان گرم شين کي برداشت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ڇڏيندي آهي.

ٻيو ته توهان جي هٿن جو لڪيرون دماغ کي به اهو ٻڌائينديون آهن ته توهان ڇا کائڻ وارا آهيو، جنهن جي ڪري اهڙي شيءَ جو مڪمل طور ذائقو وٺڻ ۽ هاضمو ڪرڻ جي لاءِ توهان جو دماغ اينزائم ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.

هاضمي واري نظام جي بهتري

اسان جي هٿن تي خراب بيڪٽيريا سان گڏ سٺا بيڪٽيريا به هوندا آهن. اهي بيڪٽيريا اسان کي جيوڙن جي نقصانن کان بچائيندا آهن. جڏهن توهان چمچي سان کائيندا آهيو ته هٿن ۾ موجود بيڪٽيريا توهان جي معدي تائين مانهن پهچي سگهندا.

ٻئي پاسي جڏهن توهان هٿن سان کائيندا آهيو ته آڱرين تي موجود صحت وارا مادا توهان جي وات جي ذريعي جسم جي مختلف حصن ۾ ويندا آهن ۽ اهڙي ريت هاضمي وارو نظام بهتر ٿيندو آهي ۽ توهان جو جسم نقصانڪار بيڪٽيريا کان محفوظ رهندو آهي.

شگر جي خطرن کان بچاءَ

چمچي سان کاڌو کائڻ سولو ته هوندو آهي پر ان سان گڏ رت ۾ مٺاڻ جي مقدار کي غير متوازن بڻائيندو آهي جنهن سان شگر جا خطرا وڌي ويندا آهن. هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو تيزي سان کاڌو کائيندا آهن آرام سان کاڌو کائيندڙن جي ڀيٽ ۾ انهن ۾ شگر جي مرض جا خطرا به گهڻا هوندا آهن. انڪري کاڌا کائي اهڙن خطرن کان بچي سگهجي ٿو. آهستي آهستي کاڌو کائڻ سان توهان جي هاضمي جو نظام بهتر رهندو آهي ۽ توهان کي جلدي پيٽ ڀريل محسوس ٿيندو آهي.

کاڌي تي به ڌيان رهندو آهي.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چمچي سان کاڌو کائڻ سان توهان کي اهو اندازو ئي ناهي ٿيندو ته توهان ڪيترو کاڌو کائي ويا آهيو. ان سان گڏ توهان ٻيا ڪم جهڙوڪ ٽي وي ڏسڻ، موبائل هلائڻ، اخبار پڙهڻ وغيره ڪندا رهندا آهيو ۽ توهان کي اها خبر ئي ناهي پوندي ته توهان ڪيترو کاڌو کائي ويا آهيو ۽ ڪيتري ٽائيم ۾ کائي ويا آهيو.

ان حوالي سان ٿيل هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته تيزي سان کاڌو کائڻ ٿولهه جو به سبب بڻبو آهي. جڏهن توهان هٿن سان کائيندا آهيو ته توهان جو ڌيان به سڄو جو سڄو کاڌي ۽ کڄندڙ گرهن ڏانهن هوندو آهي ۽ توهان کاڌي دوران هٿن سان ٻيو ڪو به ڪم ناهيو ڪري سگهندا.

وڌيڪ صحمند هجڻ

گهڻي قدر ماڻهن جو خيال آهي ته چمچي سان کاڌو کائڻ سان صفائي سٿرائي جو گهڻو خيال رکي سگهجي ٿو جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. جيڪي ماڻهو هٿ سان کاڌو کائڻ جا عادي هوندا آهن اهي کاڌي کائڻ کان اڳ هٿ ضرور ڌوئندا آهن. اهڙي ريت ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا هٿ ڌوئڻ سان هٿ خراب جراثيمن کان پاڪ رهندا آهن. جڏهن ته چمچا گهڻي قدر تڙ تڪڙ ۾ ڌوٿا ويندا آهن انڪري انهن جي صفائي صحيح نموني ناهي ٿي سگهندي ۽ توهان جا هٿ به چمچن تي لڳندا آهن جيڪي به بيڪٽيريا انهن تائين پهچائيندا آهن.

ڪجهه مشورا

  • کاڌي کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ پنهنجي هٿن کي سٺي نموني صاف ڪيو.
  • کاڌي جي وڏي شين کي ننڍن ننڍن ذرن ۾ ٽوڙي پوءِ کائون ته جيئن توهان انهن کي سولائي سان کڻي ۽ چٻاڙي سگهو.
  • جڏهن هٿ سان کاڌو کائو ته پليٽ ڏانهن جهڪڻ جي بدران سڌا ويهي کائو ۽ ڪوشش ڪيو ته پنهنجون ٺوٺيون به کاڌي واري ميز يا کٽ وغيره تي نه رکو.
  • کاڌي دوران ننڍا ننڍا گرهه کڻو.
  • کاڌي جا ننڍا ٽڪرا ۽ ننڍا گرهه توهان کي چٻاڙڻ ۾ سولائي ڏيندا ۽ معدو به انهن کي سولائي سان جلدي هضم ڪري سگهندو.

صحت جي سائنس عام طور تي هڪ گرهه کي ٻٽيهه ڀيرا چٻاڙڻ کانپوءِ ئي کاڌي کي صحت ۽ معدي لاءِ فائديمند قرار ڏنو آهي جيڪڏهن توهان هر گرهه کي ٻٽيهه ڀيرا نٿا چٻاڙيو ته جيڪڏهن اهو اڳ ۾ ئي ننڍن ٽڪرن ۾ هوندو ته ٿورو چٻاڙڻ سان ئي اهو گهڻو نرم ٿي ويندو ۽ معدي کي هاضمي ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.