ڊيم فنڊ معاملو، پي اي سي چيئرمين اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي ڪاوڙجي پيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين نور عالم خان ڊيم فنڊ جي حوالي سان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي اجلاس ۾ پيش ٿيڻ جي درخواست ڪندي واضح ڪيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس کي ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ حاصل ناهي.

ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ خيبر پختونخواهه کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڊي جي آڊٽ خيبر پختونخواهه، پشاور دولپمينٽ اٿارٽي سربراهه هو ته 20هين گريڊ جي عهدي تي 19هين گريڊ جو آفيسر ڪيئن مقرر ڪيو ويو، تنهن ڪري ان آفيسر کي فوري طور عهدي تان هٽائي واپس گهرايو وڃي.

اجلاس ۾ آڊٽ اختيارين طرفان ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي ته ڊيم فنڊ جا تفصيل سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس فراهم ناهن ڪيا، جنهن تي رجسٽرار کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته رجسٽرار صاحب کي پي اي سي جي اختيارن بابت آگاهه ڪيو، اسان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي طلب ڪيو هو اهو ڇو نه آيو؟ جنهن تي ڪميٽي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان کيس خط لکيو هو.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته اسان اڳ ۾ ثاقب نثار کي درخواست ڪنداسين ته هو ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، کيس ڪا ڇوٽ حاصل ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.