سنڌ جا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي چيو آهي ته اسڪولن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي خيما مرڪزن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

ڊپٽي ڪمشنرن کي لکيل خط ۾ غلام اڪبر لغاري چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترن ئي بي گهر ماڻهن اسڪولن ۾ پناهه ورتي آهي.

ليٽر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪجهه اسڪولن کي امدادي ڪيمپ قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن تي ٻوڏ متاثرن قبضو ڪري ورتو آهي جنهن سبب اسڪولي ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن ۽ کين ناقابل تلافي تعليمي نقصان ٿي رهيو آهي.

اسان مسئلي جي حساسيت کي ڄاڻون ٿا، پر ٻارن جي تعليم پڻ هڪ حساس مسئلو آهي.

ان ڪري گذارش آهي ته متاثرن کي مهرباني ڪري اسڪولن مان خيما مرڪزن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

معلوم ٿيو آهي ته ٻارن جو تعليمي مرڪز، جي بي ايس ايس نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايف، ضياءُ الدين اسپتال، ڪراچي سينٽرل ويجهو گذريل 20 ڏينهن کان امدادي ڪيمپ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن مان ڪو به اسڪول ۾ نه رهيو آهي.

اهڙي صورتحال سبب تعليمي سرگرميون معطل آهن، شاگردن ۽ استادن جو اسڪول اچڻ تي پابندي آهي، 800 کان وڌيڪ شاگردن جو سخت تعليمي نقصان ٿي رهيو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.