اداڪارا جو اڳوڻو مڙس ۽ پريمي سندس زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ به نظر ايندا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري ڀينرن جي جوڙي ملائڪا اروڙا ۽ امريتا اروڙا پنهنجي مداحن جي لاءِ هڪ سيريز آڻي رهي آهي. جنهن ۾ سندس ذاتي زندگي جا مک حصا ڏيکاريا ويندا.

ڀارتي ويب سائيٽ پنڪ ولا جي رپورٽ موجب ان شو جي خاص ڳالهه اها هوندي ته ان ۾ امريتا ۽ ملائڪا جي زندگي سان جڙيل هر ماڻهو هوندو جنهن ۾ ملائڪا اروڙا جو اڳوڻو مڙس ارباز خان ۽ ارجن ڪپور به شامل آهن.

رپورٽ موجب اداڪار ارجن ڪپور ۽ ارباز خان ان سيريز ۾ گڏ ته نظر نه ايندا پر مختلف جاين تي ٻئي نظر ايندا.

تنهن هوندي به ان حوالي سان ملائڪا اروڙا پاڻ باضابطا طور اعلان ناهي ڪيو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ملائڪا ۽ امريتا جي مائٽن سميت انهن جا ويجها دوست به هوندا.

واضح رهي ته ملائڪا جي ارباز خان کان ٻه هزار سترهن ۾ طلاق ٿي هئي، ٻنهي کي هڪ پُٽ جي اولاد آهي جيڪو هن وقت ٻاهرين ۾ ملڪ ۾ تعليم پڙهي رهيو آهي.

ٻئي پاسي ملائقا اروڙا ۽ ارجن ڪپور ڪيترن ئي سالن کان هڪٻئي سان گڏ آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب اهي جلد شادي ڪرڻ وارا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.