مشهور اداڪارا جو گهر مان لاش هٿ

مشهور تامل اداڪارا پولين جيسيڪا جو لاش ارڙنهن سيپٽمبر تي چنائي جي ويروگمبڪم مليڪا ايوينيو مان هٿ آيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب اداڪارا آنڌراپرديش ۾ رهندي هئي ۽ چنائي ۾ ڪرائي تي رهندي هئي.

ديپا جي نالي سان مشهور اداڪارا پولين جيسيڪا تازو ريليز ٿيندڙ فلم ”ويڌا“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کانسواءِ به هن ڪيترين ئي فلمن ۽ سيريلز ۾ ڪم ڪيو آهي.

مشهور اداڪارا جو لاش آچر واري ڏينهن سندس فليٽ ۾ ٽنگيل مليو.

پوليس موجب کين اداڪارا جي موت بابت پاڙيسرين وٽان ڄاڻ ملي آهي. جنهن بعد هنن لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪليو آهي.ان کانپوءِ وارثن کي اطلاع ڏنو ويو ۽ سندس مڙهه اباڻي علائقي آنڌرا روانو ڪيو ويو.

پوليس موجب جاچ هلندڙ آهي ان ۾ پهريون اهو جاچي رهيا آهن ته سندس فليت تي ڪير ڪير ماڻهو آيا هيا، جڏهن ته کين ڄاڻ ملي آهي ته آپگهات کان پهريون اداڪارا آٽو تي پنهنجي اپارٽمنٽ پهتي.

پوليس چيو ته هو اهو به جاچ ڪري رهيا آهن ته آپگهات جو معاملو آهي يا ڪنهن کيس آپگهات تي مجبور ڪيو آهي

پوليس موجب هڪ نوٽ هٿ آيو آهي جنهن ۾ اداڪارا لکيو آهي ته سندس موت جو ڪارڻ ناڪام رشتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.