ٻوڏ صورتحال، حڪومت شاگردن کي اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال اپيل ڪئي آهي ته يونيورسٽي جو هر شاگرد ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻارن جي خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ هڪ نيوٽريشن پيڪ تيار ڪري .

احسن اقبال جو چوڻ هو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن ايڇ اي سي ذريعي سمورين يونيورسٽيز جي وائس چانسلرز کي هدايتون جاري ڪيون وينديون ته هو پنهنجي يونيورسٽي جي سمورن شاگردن کي اها ذميواري ڏين.

سندس چوڻ هو ته شاگرد پنهنجي کيسي يا پنهنجي ڪميونٽي جي مدد سان اهو ڪم ڪري سگهن ٿا ته جيئن فوري طور تي اهڙا ويهه لک ٿيلا تيار ڪري سگهن.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته ان ڏس ۾ حڪومت جلد هدايتون جاري ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.