”جهاد“ لاءِ ويڙهاڪ موڪلڻ جي الزام ۾ اڳوڻو وزيراعظم گرفتار

تيونس جي دهشتگردي جي روڪٿام واري پوليس اڳوڻي وزيراعظم علي لاريد کي شام ۾ جهادي موڪلڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل جو چوڻ آهي ته علي لاريد کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

علي لاريد مخالف ڌر حرڪت النهضه جو سينيئر عهديدار آهي، پارٽي دهشتگردي جي الزامن کي رد ڪندي صدر قيس سعيد تي بدلو وٺڻ جو الزام هنيو آهي.

ياد رهي گذريل مهيني ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ حرڪت النهضه جي ٻن ڪارڪنن کي مصر ۽ شام جي جهادي گروپن ۾ شامل ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.