ايشيائي ترقياتي بينڪ جو ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پيڪيج جو اعلان

ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) پاڪستان کي ٻوڏ جي تباهڪاري کانپوءِ ريليف ۽ بحالي لاءِ وڏي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.

هڪ بيان موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ترجمان چيو آهي ته اهو پيڪيج متاثرن، معاشي صورتحال ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر جي فوري ۽ پائيدار بحاليءِ لاءِ ڊيزائين تيار ڪيو آهي.

ايشيائي ترقياتي بينڪ موجب هو ننڍي عرصي لاءِ روڊ رستن ۽ آبپاشي جي انفراسٽرڪچر سميت تباهه ٿيل بنيادي انفراسٽرڪچر جي مرمت لاءِ جاري منصوبن جو استعمال ڪندا ۽ غذائي تحفظ لاءِ زرعي شعبي جي ترقي ۽ مالي استحڪام ۾ مدد فراهم ڪندا، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن لاءِ ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ فراهم ڪندا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙين منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي جيڪي ٻوڏ بعد مدد ڪندا ۽ قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪندا.

ايشيائي ترقياتي بينڪ وڌيڪ چيو آهي ته حتمي فيصلو ٿيڻ بعد امدادي پيڪيج جي تفصيلن بابت ٻڌايو ويندو

بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو حڪومت سميت ٻين عالمي ايجنسين سان ملي ڪم ڪندا جيئن قدرتي آفت سان متاثر ٿيڻ وارن ٽي ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ متاثرن کي زندگيون ۽ روزگار جو موقعو ملي، مشڪل جي هن وقت ۾ هو عوام سان گڏ بيٺا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.