”هر چئن سيڪنڊن ۾ هڪ ماڻهو مري ٿو“ گڏيل قومن کي خط

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سڄي دنيا ۾ سماجي تنظيمن جو کليل خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن موجب دنيا ۾ هر چئن سيڪنڊن ۾ هڪ شخص بُک جي ڪري مري ٿو.

سماجي تنظيمن چيو ته دنيا ۾ روز اڻويهه هزار ست سئو ماڻهو بُک جي ڪري مري رهيا آهن. دنيا ۾ چوٽيهه ڪروڙ پنجاهه لک ماڻهو بُک واري صورتحال سان منهن ڏئي رهيا آهن.

اين جي اوز موجب بُک جو وڌندڙ عالمي بحران ختم ڪرڻ جي لاءِ فيصلائتا عالمي قدم کنيا ويندا. بُک واري ماڻهن جو انگ ٻه هزار اڻويهه جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿي ويو آهي.

اين جي اوز چيو ته عالمي اڳواڻن جي ايڪويهين صدي ۾ ٻيهر ڏڪار نه اچڻ وارا واعدا پورا نه ٿيا. صوماليا سميت پنجيتاليهه ملڪن جا پنج ڪروڙ ماڻهو خطرن سان منهن ڏئي رهيا آهن.

اين جي اوز پاران چيو ويو آهي ته کاڌو جي کوٽ روڪڻ جي لاءِ ڊگهي عرصي تائين فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.