آئما بيگ جي محبت ۾ بيوفائي ۽ برطانوي ماڊل جي بواءِ فرينڊ سان لاڳاپا وائرل

هڪ برطانوي ماڊل طرفان سوشل ميڊيا جي ذريعي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آئما بيگ پنهنجي مڱيندي شهباز شگري سان ڌوڪو ڪيو آهي.

برطانوي ماڊل طلولا ماير پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن اها دعويٰ ڪئي آهي ته آئما بيگ منهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان لاڳاپن جي ڪري پنهنجي مڱيندي سان ڌوڪو ڪيو آهي.

طلولا ماير چيو ته آئما بيگ منهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ قيس احمد سان لاڳاپن ۾ آهي. هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڪجهه اسڪرين شاٽس به شيئر ڪيا آهن.

اهڙي پوسٽ سامهون اچڻ کانپوءِ آئما بيگ جو نالو هيش ٽيگ ٽوئيٽر تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي ۽ انٽرنيٽ واهپيدارن طرفان آئما بيگ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Showbizmania (@_showbizmania)

ٻئي پاسي آئما بيگ ۽ شهباز شگري جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هن وقت تائين خاموش آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آئما بيگ طرفان شهباز شگري سان مڱڻي ٽٽڻ جي افواهن کي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي درست قرار ڏنو هو.

هن پنهنجي مداحن کي هڪ ئي جواب ڏيندي چيو هو ته توهان سڀني جي سوالن جو جواب اهو آهي ته ها، اسان جا رستا الڳ ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.