چوماسي سيزن جي پاڪستان مان واپسي ڪڏهن ٿيندي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ چيو آهي ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ چوماسيءَ سيزن پاڪستان مان واپسيءَ جو سفر شروع ڪندو.

جواد ميمڻ موجب نار بنگال ۾ چوماسي جو آخري سسٽم ٺهي ويو آهي پر ان جو اثر سنڌ تي نه پوندو، سسٽم جو رُخ وچ ڀارت ڏانهن رهندو.

هن چيو ته ان سسٽم جا پاڪستان تي گهٽ اثر پوندا، پنجاب جي مٿين علائقن ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مينهن وسي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته 24 يا 25 سيپٽمبر تي اينٽي سائيڪلون سرڪوليشن راجسٿان تي ٺهندي، 25 ۽ 26 سيپٽمبر تي چوماسي سسٽم وچ ڀارت ۽ دهلي جي ڀرسان اچي ختم ٿيندو.

موسمياتي تجزئي نگار چيو ته اينٽي سائيڪلون سرڪوليشن سان چوماسي هوائون پاڪستان مان واپسيءَ جو سفر شروع ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.