ڪنڌڪوٽ، دادو ۾ گيسٽرو ۽ مليريا سبب ٻارنهن ٻوڏ متاثر فوت

دادو ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ضلعن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا سان وڌيڪ ٻارنهن ٻوڏ متاثرن دم ڌڻي حوالي ڪيو

هڪ خانگي ميڊيا اداري جي رپورٽ موجب ٻئي بيماريون امدادي ڪيمپن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي موت جو وڏو ڪارڻ بڻجي ويون آهن

رپورٽ ۾ آهي ته ميهڙ شهر جي ويجهو سيتا ڳوٺ ۾ گيسٽرو ۽ مليريا سان مرڻ وارن ٻن ٻوڏ متاثرن جي سڃاڻپ اڪبر سولنگي ۽ امتيازقمبراڻي جي نالي سان ٿي.

شفيع محمد ڪالوني ۾ آءِ ڊي پيز لاءِ ٺاهيل ڪيمپس ۾ ٽن سالن جو مصري کوسو ۽ ڏهن ورهين جو رحيم چانڊيو ميهڙ ٽائون ۾ باءِ پاس ويجهو ڪيمپ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

هڪ مقامي فنڪار شاهه رخ خان ۽ هڪ تاجر عطا محمد چانڊيو ميهڙ ۾ گيسٽرو ۽ مليريا سبب فوت ٿي ويا ۽ واهي پانڌي جي علائقي نواحي ڳوٺ بخار جمالي ۾ ٻن عورتن امانت جمالي ۽ بڌي جمالي مليريا سبب لاڏاڻو ڪري ويا

ذريعن موجب ڪي اين شاهه سان جڙيل علائقن ڻ انهن ٻن بيمارين سان مرڻ وارن جو انگ گذريل پنجن ڏينهن ۾ اٺ تائين پهچي چڪي آهي ۽ ميهڙ ۾ گذريل ٽيهه ڏينهن ۾ مرندڙن جو انگ ويهه تائين پهتو آهي

ضلعي انتظاميا جي حڪم موجب شديد برسات ۽ ٻوڏ جي دوران بيمارين ۽ ٻوڏ سبب اڻيتاليهه ٻارن سميت اسي ڄڻا فوت ٿي ويا

ڳوٺاڻن شڪايتون ڪيون ته ڪيترائي ٻار برساتين سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين گيسٽرو ۽ مليريا ۾ مبتلا آهن پر اڃا تائين ڪنهن به طبي ٽيم بيمار ٻارن جي علاج لاءِ انهن علائقن جو دورو ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.