چاڪليٽي هيرو عمران هاشمي ڪشمير پهتو، نوجوان گرفتار

سري نگر(ويب ڊيسڪ)ناليواري باليووڊ اداڪار عمران هاشمي جي فلم جي عملي تي پٿراءُ ڪرڻ جي الزام ۾ والاريل ڪشمير ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عمران هاشمي پنهنجي فلم گرائونڊ زيرو جي شوٽنگ جي لاءِ والاريل ڪشمير ۾ موجود آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب عمران هاشمي جي فلم جي عملي تي پٿراءُ ڪرڻ جي الزام ۾ والاريل وادي جي ضلعي اننت ناگ مان هڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پٿراءَ دوران عمران هاشمي زخمي ٿي پيو آهي.

جڏهن ته عمران هاشمي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ڪشمير ۾ پٿراءَ دوران زخمي ٿيڻ واري خبرن کي ترديد ڪئي آهي.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته ڪشمير جي ماڻهن وڏي جذبي سان اسان جو استقبال ڪيو.

هن وڌيڪ لکيو آهي ته سري نگر ۽ پهلگام ۾ شوٽنگ ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. پٿراءَ جي واقعي ۾ منهنجي زخمي ٿيڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.