سمارٽ فون ذريعي جسم ۾ موجود آڪسيجن بابت ڄاڻ ڪيئن حاصل ڪجي؟ طريقو ڄاڻي وٺو

سمارٽ فون ڪيمرا جسم ۾ آڪسيجن جي سطح کي مانيٽر ڪري سگهي ٿو، اها ڳالهه آمريڪي ۾ ٿيندڙ هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

جيڪڏهن توهان کي ڄاڻ نه هجي ته ڄاڻي وٺو جڏهن اسان ساهه کڻندا آهيون ته اسان جا ڦڦڙ آڪسيجن سان ڀرجي ويندا آهن، جيڪا رت جي ڳاڙهين خلين جي مدد سان جسم جي مختلف حصن تائين پهچندي آهي.

اسان جي جسم کي پنهنجي فعل لاءِ تمام گهڻي آڪسيجن جي گهرج هوندي آهي ۽ صحتمند ماڻهن ۾ هر وقت آڪسيجن جي گهٽ ۾ گهٽ سطح 95 سيڪڙو هوندي آهي.

دم يا ڪووڊ 19 جهڙين بيمارين جي نتيجي ۾ اسان جي جسم لاءِ ڦڦڙن ۾ موجود آڪسيجن کي جذب ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ مختلف مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.

ڊيجيٽل ميڊيسين ۾ شائع ٿيل تحقيقي نتيجن موجب واشنگٽن يونيورسٽي ۽ ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق مان ثابت ٿيو ته سمارٽ فون رت ۾ موجود آڪسيجن جي سطح کي سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي.

عام طور آڪسيجن جي سطح کي ڄاڻڻ لاءِ pulse oximeter استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو گهرن ۾ استعمال ڪرڻ هر هڪ لاءِ ممڪن ناهي.

تحقيق ۾ ماهرن هڪ طريقيڪار جوڙيو آهي ته جيئن سمارٽ فون جو ان مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي.

تحقيق ۾ شامل ماڻهن جي آڱرين کي سمارٽ فون جي ڪيمرا ۽ فليش جي مٿان رکيو ويو.

اها ڪيمرا اهڙو الگورٿم استعمال ڪري پيو جيڪو رت ۾ آڪسيجن جي سطح کي ڄاڻي سگهي پيو. تحقيق ۾ شامل ڇهن ڄڻن جي جسم جي محققن نائٽروجن ۽ آڪسيجن جي مڪسچر کي داخل ڪيو جنهن سان رت ۾ آڪسيجن جي سطح گهٽجي وئي.

ان موقعي تي سمارٽ فون رت ۾ آڪسيجن جي سطح جي درست اڳڪٿي ڪئي.

محققن ٻڌايو ته اسان جي تيار ڪيل ٽيسٽ سان اسان هر رضاڪار جو پندرنهن منٽ جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ ان مان ثابت ٿيو ته سمارٽ فونز ان حوالي سان ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

هنن وڌيڪ چيو ته سمارٽ فون هاڻي گهڻي قدر هر ماڻهو وٽ هوندو آهي ۽ ان طريقيڪار سان بنا ڪنهن خرچ جي رت ۾ آڪسيجن جي مقدار کي ڄاڻن ممڪن ٿي سگهندو.

سندن چوڻ هو ته اها مشين لرننگ ٽيڪنالوجي جي سهڪار سان بائيو ميڊيڪل ڊيوائسز جي تياري ڏانهن پهرين وک آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.