ڪورونا ٽيسٽ کان لنوائڻ وارن لاءِ سٺي خبر، طبي ماهرن وڏو حل ڳولي ورتو

چين جي سائنسدانن هڪ اهڙو فيس ماسڪ تيار ڪيو آهي جيڪو هوا ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

ڪووڊ 19 يا فلو سبب متاثر ڪنهن به ماڻهو سان ڳالهائڻ دوران فيس ماسڪ طرفان کيس پهريندڙ کي وائرسز بابت الرٽ جاري ڪيو ويندو آهي.

فيس ماسڪ ۾ سنسرز لڳل آهن جيڪي هوا ۾ موجود تمام ننڍڙي وائرل ذرڙن تي پڻ ردعمل ظاهر ڪندا آهن.

شنگهائي جي ٽانگ جي يونيورسٽي جي ماهرن طرفان تيار ڪيل فيس ماسڪ بابت تحقيق جا نتيجا ميٽر رسالي ۾ شائع ڪيا ويا آهن.

تحقيقي ٽيم طرفان فيس ماسڪ کي هڪ بند چيمبر ۾ ٽيسٽ ڪيو ويو هو ۽ چيمبر ۾ وائرل ذرڙن جو اسپري ڪيو ويو هو.

محققن اهو دريافت ڪيو آهي ته فيس ماسڪ اهڙن بند جاين تي پڻ بهتر نموني ڪم ڪندو آهي جتي هوا جي نيڪال جو نظام ناڪارا آهي.

هوا ۾ موجود ننڍڙن وائرل ذرڙن کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي اهڙي صورت ۾ فيس ماسڪ طرفان ان جي سڃاڻپ ڪرڻ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيترو جلد توهان پنهنجي ڀرپاسي وائرس جي موجودگي جي جي ڄاڻ هوندي، ايترو ئي بيماري کان بچڻ سولو هوندو.

هن چيو ته اهو فيس ماسڪ اهڙن ماڻهن ۾ بيماري جي سڃاڻپ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو جيڪي روايتي ٽيسٽ ڪرائڻ پسند نٿا ڪن.

محققن طرفان اهڙن وائيرايبل ڊيوائسز تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪي مختلف مرضن جهڙوڪ ڪينسر جي سڃاڻپ ڪري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.