سج جي روشني مريخ جو حصو ڪيئن جڳمڳائي رهي آهي؟

جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ جو بنيادي مقصد ڏورانهين ڪهڪشائن جي ڳولا ڪرڻ آهي پر تازو ئي ان ڌرتي جي پاڙيسڙي سياري مريخ جو مشاهدو ڪيو آهي.

جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ طرفان ڪڍيل مريخ جون شروعاتي تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.

پنج سپٽمبر تي ڪڍيل تصوير ۾ زمين جي پاڙيسڙي سياري کي نئين انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ جي انفراريڊ ٽيڪنالوجي مريخ جي سطح ۽ آب هوا جي تفصيلن کي ڪميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو.

واضح رهي ته جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ زمين کان 16 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تي موجود آهي ان مريخ جي سج سان روشن رخ کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو .

انهن تصويرن ۾ مريخ جي اولهندي حصي کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ هڪ تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سج جي روشني مريخ جو حصو ڪيئن جڳمڳائي ٿي.

ناسا جي تحقيقي ٽيم طرفان ويجهي مستقبل ۾ مريخ بابت اهي تفصيل پڻ جاري ڪيا ويندا جيڪي جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ ذريعي حاصل ڪيا ويندا.

اهڙي نموني تحقيقي ٽيم ان ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان مريخ جي مختلف حصن ۾ موجود فرق جي پڻ سڃاڻپ ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.