ڪلوئي واقعو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عوامي آواز جي خبر تي نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر صلعي جي علائقي ڪلوئي ۾ ناري سان گينگ ريپ کانپوءِ آپگهات واري خبر تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ روزاني عوامي آواز جي خبر تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت طرفان حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته ايس ايڇ او ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر 22 سيپٽمبر تي رڪارڊ سميت پيش ٿين.

ياد رهي ته ٿرپارڪر جي علائقي ڪلوئي ۾ ناري سان گينگ ريپ ٿيو هو جنهن بعد پوليس بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.