ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشخبري، انگلينڊ بعد هڪ ٻي وڏي ٽيم پاڪستان اچڻ جي حامي ڀري ورتي

پاڪستان ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ سٺي خبر آهي ته انگلينڊ کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم پڻ پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي ۽ ڪيوي ٽيم هڪ دفعو نه پر ٻه ڀيرا پاڪستان ايندي.

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻن مرحلن ۾ پاڪستان دورو ڪندي جتي هو پاڪستان خلاف ٻه ٽيسٽ، اٺ ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

پي سي بي ذريعن موجب پهرين ڊسمبر 2022ع ۾ پاڪستان ايندي، ڪيوي ٽيم پهرين مرحلي ٻه ٽيسٽ ۽ ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز کيڏندي، هڪ ٽيسٽ ملتان ۽ ٻي ڪراچي ۾ ٿيندي جڏهن ته ون ڊي ميچون ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي مرحلي ۾ اپريل ٻه هزار ٽيويهه ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي ان دوران ڪيوي ٽيم پنج ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

پي سي بي ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ صلاح مشوري کانپوءِ ميچن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويندو.

واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم نومبر ڊسمبر ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي انگلش ٽيم جي ٽيسٽ سيريز کان فوري پوءِ  ڪيوي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.