انجلينا جولي پاڪستان پهچي وئي، دادو ۾ ٻوڏ صورتحال جو جائزو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي جڳ مشهور اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي خاص سفير انجلينا جولي پاڪستان پهچي وئي.

انساني حقن جي متحرڪ ڪارڪن انجلينا جولي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهتي آهي، هوءَ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪميشن جي خاص سفير آهي.

انجلينا جولي سنڌ جي ضلعي دادو پهتي، جتي هن ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي، اداڪارا نه رڳو هيلي ڪاپٽر ذريعي دادو جو جائزو ورتو پر ٻيڙي ۾ به سوار ٿي ٻوڏ صورتحال جو جائزو ورتو .

ذريعن جو چوڻ آهي ته انجلينا جولي جو دورو ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو، جڏهن ته دوري جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب جڳ مشهور اداڪارا ٻوڏ متاثرن ۾ تحفا به ورهائيندي، جڏهن ته هوءَ دادو کانپوءِ بدين ويندي.

انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آءِ آر سي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته انجلينا جولي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي ۽ متاثرن سان ملاقاتون ڪندي.

آءِ آر سي پاڪستان جي ڊائريڪٽر شبنم بلوچ جو چوڻ هو اسان کي اميد آهي ته انجلينا جي دوري سان دنيا کي احساس ٿيندو ۽ مستقبل ۾ بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا.

واضح رهي ته انجلينا جولي ان کان اڳ ٻه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري چڪي آهي، هوءَ 2005 ۾ زلزلي کانپوءِ متاثرن سان ملڻ آئي هئي، جڏهن ته 2010 ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ به پاڪستان پهتي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.