ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي سمورن ضلعن جا ترقياتي فنڊز منجمد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت ٻوڏ ۽ برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي ڪراچي کانسواءِ صوبي جي سمورن ضلعن جي ترقياتي فنڊز منجمد ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقياتي کاتي سمورن سيڪريٽريز کي خط ذريعي آگاهه  ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ چار هزار هڪ سئو اٺونجاهه ترقياتي رٿائن لاءِ ٽي سئو ٻٽيهه ارب رُپيا رکيل هئا، ترقياتي فنڊن مان 118 ارب رُپيا جاري ڪيا ويا، 20 ارب خرچ ٿيا.

ذريعن چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي، پي ڊي ايم اي ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي ڏهه ارب چوراسي ڪروڙ رُپيا امداد، ريسڪيو ۽ بندن جي مرمت لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.