ڪراچي: سرڪاري ملازمن کي پنجاهه سيڪڙو وڌيڪ پئسا ملندا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي آهي.

صوبائي حڪومت پاران سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ملازمن لاءِ يوٽيلٽي الائونس ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب يوٽيلٽي الائونس پهرين سيٽپمبر کان لاڳو ٿيندو.

اهڙي نموني 9 کان 15 هين گريڊ جي ملازمن جو الائونس 6 هزار مان وڌائي 9 هزار ڪري ڇڏيو آهي، 16 هين گريڊ جي ملازمن جو الائونس 7 هزار مان وڌائي ڏهه هزار پنج سئو ڪيو ويو آهي.

سترين گريڊ جي آفيسرن جو الائونس 12 هزار مان وڌائي 18 هزار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 18 هين گريڊ جي آفيسرن جو الائونس پندرنهن مان وڌائي ٻاويهه هزار پنج سئو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.