عمران خان ڀلي رڙيون ڪري، آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم ڪندو: مولانا فضل الرحمان

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ ۽ جمعيت علماءَ اسلام ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٽرانس جينڊر قانون ۾ ترميمون پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ٽرانس جينڊر قانون قران ۽ سنت سان ٽڪراءُ ۽ مذمت جوڳو آهي، ان ۾ ترميمون پيش ڪنداسين.

مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان فوج سميت سمورن ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، سندس سياست ختم ٿي چڪي آهي، اهو ڪير ٿيندو آهي آرمي چيف جي مقرري تي ڳالهائڻ وارو ، عمران خان پاڻ امپورٽيڊ چور آهي، هي هاڻي ڀلي ڪيتريون به رڙيون ڪري پر آرمي چيف جي مقرري آئين تحت ٿيندي، جنهن جو  فيصلو وزيراعظم ڪندو.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ سنڌ متاثر ٿي آهي، هنيئر تائين ڪيئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ ماڻهو روڊن تي کليل آسمان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهو قومي الميو آهي جنهن کي قومي جذبي سان منهن ڏيڻو پوندو.

هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان پاڻ امپورٽڊ چور آهي سندس  خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي پنهنجي حڪومت کان ناراض آهيان.

پي ڊيم ايم سربراهه چيو ته  ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ملي، نوازشريف سميت ٻيا جيل به ويا پر گڏيل قومن کي ڪڏهن به ڳڻتي نه ٿي، عمران خان پرڏيهي ايجنٽ آهي ان لاءِ گڏيل قومن کي به ڪارروائي تي ڳڻتي ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.