عمران جي آمريت، پي ٽي آءِ ڪک پن ٿيڻ جي چانئٺ تي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  تحريڪ انصاف ۾ اندروني ڏڦيڙ ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، خاص طور ٻه ڏينهن اڳ عمران خان پارٽي جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ جيڪو هڪ آمر وارو انداز اختيار ڪيو ان ڪيترن ئي سينيئر  اڳواڻن جي مايوسي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي انتهائي ويجهن ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ته عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر  استٽيبلشمينٽ تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ اڳواڻن کي رابطن  کان روڪي ڇڏيو آهي.

نامياري تجزئي نگار عبدالله  طارق سهيل جو چوڻ آهي ته جڏهن پنجاب جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ عمران خان  کي ٻڌايو ويو ته 26  ميمبر پي ڊي ايم سان رابطي ۾ آهن ته عمران خان آپي مان نڪري ويو ۽ چيو ته مون کي ته ٻڌايو ويو ته 6  ميمبر بغاوت لاءِ تيار آهن، عبدالله طارق جو چوڻ  آهي ته مون کي اطلاع آهي ته پي ٽي  آءِ جا 33  ايم پي ايز بغاوت جو فيصلو ڪري چڪا آهن، پر عمران خان 25  ايم پي ايز جي بغاوت جو اطلاع ملڻ شرط ڏمرجي پيو ۽ چيو ته ڄاڻان ٿو ته اهي ڪنهن جي اشاري تي هلي رهيا آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ  سربراهه جو نالو وٺي ان خلاف  گندي ٻولي استعمال ڪئي ۽ انکي ئي پنجاب ۾ تبديليءَ  جو ذميوار قرار ڏنو، لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سربراهه خلاف  ٽرينڊ شروع ٿيندا ۽ مسٽر ايڪس  ۽ مسٽر واءِ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو.

فيصل واوڊا، شاهه محمود  ۽ اسد عمر کي ته عمران خان اڻ سڌي طرح اسٽيبلشمينٽ جو مخبر ۽ مهرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سموري صورتحال مان اهو واضح آهي ته هاڻي پي ٽي آءِ  جو متحد رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي ڇو ته اڳواڻن جا هڪ ٻئي تي شڪ شبها وڌي وڃڻ  سبب اعتماد ختم ٿي چڪو آهي ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڌڙابندي اڻٽر ٿي چڪي آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-20 تي شايع ٿيو

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”عمران جي آمريت، پي ٽي آءِ ڪک پن ٿيڻ جي چانئٺ تي“ چوندا آھن ته ٻلئَ کي خواب ۾ ڇڇڙا. شڪر ٿا ڪريون جو اڄڪلھ حضرت منظور وساڻ پنهنجيءَ ٻيڙئَ ۾ خيرپور جي پسگردائئَ ۾ وينس شھر وسايون ويٺو آھي ۽ ٽاڪ منجھند وارا خوفناڪ خواب ڏسڻ في الوقت موقوف ڪري ڇڏيو اٿن.ا

Leave A Reply

Your email address will not be published.