لاڙڪاڻي ۾ واپاري کان 4 لک ڦر، جاچ شروع

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد مصروف ڪاروباري علائقي سبزي منڊي مٺاڻي گهٽي واري علائقي ۾ مبينا طور موٽرسائيڪل سوار ڦورن چانورن جي واپاري مختيار شيخ جي دڪان ۾ گهڙي کيس هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 4 لک روپيه روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي فارنزڪ ٽيم کي طلب ڪري سي سي ٽي يو فوٽيجز هٿ ڪري فنگر پرنٽس ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪرڻ سان گڏ تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار مختيار شيخ ٻڌايو ته آءُ پنهنجي دڪان تي ويٺو هيس ته ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي مون کي يرغمال بڻائي چار لک روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦر ڪيل پئسا واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي فنگرپرنٽس، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد ڦورن جو پتو لڳائي کين گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.