دولپور صفن ۾ هاڪر جي پڦي مليريا وگهي فوت

دولتپورصفن ( ن ع آ ) دولتپورصفن  شهر جي اخباري هاڪر حمزل اوٺو جي پڦي 45 مسمات نور خاتون اوٺو کي مليريا بخار ٿي ويو، جنهن کي حمزل اوٺو دولتپورصفن اسپتال آندو ، جتي ميڊيڪل عملي کين جواب ڏنو ته مليريا جي ميڊيسن اسان وٽ موجود ناهي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان دوائي جي کوٽ آهي ۽ مريض کي نوابشاھ اسپتال کڻي وڃو ، جنهن بعد اخباري هاڪر پنهنجي پڦي کي نوابشاھ اسپتال پهچايو ، جتي هو وفات ڪري وئي. ، جنهن کانپوءِ فوتڻ کي اباڻي ڳوٺ سنگل اوٺو آندو ۽ سڄي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ، جنهن پوءِ فوتڻ کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو ، جڏهن ته هاڪر حمزل اوٺو سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.