جيڪب آباد صحت کاتي سيشن جج جو حڪم نه مڃيو، نينگر تڙپي تڙپي فوت

جيڪب آباد (رپورٽ :سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد جي صحت کاتي جي عملدارن  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جا حڪم ھوا ۾ اڏاري ڇڏيا، برسات متاثر نينگر روڊ پاسي تڙپي تڙپي فوت، سندس امڙ ۽ ويجھي رشتيدارن جون دانھون، ياد رھي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  عبدالغفور ڪلھوڙو  پنج ڏينهن اڳ ٺل جي برسات متاثرن سان ملاقات لاءِ جيئن ئي متاثرن وٽ پھتو ته اتي موجود مسمات عزت خاتون ٻرڙو جج کي دانھيندي ٻڌايو ته منھجو جگر جو ٽڪڙو، آزاد ٻرڙو گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان بيماري جي بستري تي پيل آھي، پر اسان وٽ علاج لاءِ پئسا ڪو نه آھن، جنھن تي جج صاحب صحت کاتي جيڪب آباد جي عملدارن کي هدايت جاري ڪندي چيو ته ڄاڻايل نينگر کي فورن تعلقي اسپتال ٺل يا جمس اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو وڃي، پر صحت کاتي عملدارن جج صاحب جي حڪمن کي ھوا ۾ اڏاري ڇڏيو، واھر نه ٿيڻ جي صورت ۾ مسمات عزت خاتون پنھنجي مدد پاڻ تحت پنھنجي جگر جي ٽڪڙي کي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪري ڇڏيو، جتي اسپتال انتظاميا برسات متاثر نياڻي کي دڙڪا ڏئي نينگر کي بغير علاج جي واپس ڪري ڇڏيو ، علاج نه ٿيڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جنھن سلسلي ۾ فوت ٿيل نينگر جي امڙ ۽ ويجھي رشتيدار لعل محمد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سميت سڀني وس وارن عملدارن کان معاملي جي سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.