مومل ماڙي لڳ ڀت هيٺان اچي زخمي ٿيل پورهيت فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر ) مومل جي ماڙي جي بخارا ٻيرڙي سان تعلق رکندڙ 48 ورهين جو، نلڪن جو مشهور مستري نور محمد ميراڻي تازه مون سون برساتن سبب ڪمزور ٿي ويل ڪمري جي ڀت هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي رحيم يار خان اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو آهي.، سندس مڙھ اباڻي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي آندو پيو وڃي، مرحوم نور محمد ميراڻي نلڪن جو مشهور مستري هو، هن پنهنجي پويان ٻھ پٽ ۽ ٻھ نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.