گهوٽڪي ۾ برسات متاثر جو واهر لاءِ احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) تعلقي گهوٽڪي يوسي ٻيرڙي جي ڳوٺ راڻو محمد عباس راجپوت  ۾ محمد اسلم مغل جو برساتن ۾ گهر ڪِري پيو ،گهر ۾ پيل سامان الھه تلھه برباد ٿي ويو ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي پنهنجي معصوم متاثر ٻارڙن،ڌيئرن،پٽن محمد شاهد ،علي رضا مغل ۽ گهر واري سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيان، ان موقعي تي متاثرن چيو معصوم ٻار فاڪاڪٽڻ تي مجبور آهن،  مون کي گهر به ٺهرائي ڏنو وڃي، معصوم  ٻار مليريا، گيسٽرو، چمڙي ۽ ڳلي جي بيمارين ۾ ورتل آھن. ڊي سي نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي سهائتا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.