ڪنري ۾مبينا مقابلو، جسقم اڳواڻ ڏوهاري ڄاڻائي گرفتار

ڪنري (ت ر) ڪنري پوليس جسقم ضلعي ميرپورخاص جي اڳواڻ عاشق ڪيريو کي گرفتار ڪري مبينا پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو پوليس ڄاڻايو ته گشت دوران پڪو موڙ لڳ مھاجر ڳوٺ وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو، مقابلي دوران جوابدار عاشق ڪيريو کي گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته سندس ٻيا ساٿي جيئندو کوسو، جھنڊو عرف الطاف ڪيريو، قربان رند ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار فرار ٿي ويا. عاشق ڪيريو کي گرفتار ڪري مٿس پوليس مقابلي، ڊيوٽي اٽڪاءُ سميت ٻيا قلم لاڳو ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ڄاڻايو ته جوابدار عاشق ڪيريو تي مختلف ٿاڻن تي اڳ به 35 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل آھن، گرفتار جوابدار وٽان ھڪ پسٽل، 3 رائونڊ ۽ ھڪ مھ ڪار هٿ ڪئي وئي. جنھن بعد کيس رمانڊ لاءِ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. جتي سول جج پوليس جي رمانڊ واري استدعا منظور ڪندي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ارباب ڀيل ۽ ٻين پاران جسقم اڳواڻ عاشق ڪيريو جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آھي ته جسقم ميرپورخاص ضلعي جو اڳوڻو نائب صدر عاشق ڪيريو عمرڪوٽ پوليس هٿان گرفتار ڪنري ٿاڻي تي ظاهر ڪري ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪوڙي مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ھن چيو ته ايس ايڇ او عاطف شاھ جنهن 6 سال اڳ ۾ عاشق ڪيريو کي ڪراچي مان گرفتار ڪري غلام نبي شاھ ٿاڻي جي حد ۾ هاف فرائي ڪيو هو. ھنن چيو ته عاشق ڪيريو تي داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪجي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.