غير قانوني ڪٽ ڏئي ماڻهن کي ٻوڙيو ويو: بچل شاهه جيلاني

ڊرٻ ميهر شاھ (ن ع آ)پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي قائم مقام صدر اڳوڻي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ڊرٻ ميهر شاھ لڳ ناريجا پل وٽ پپري سم نالي وٽ پهچي خيرپور ۽ پير ڳوٺ ٽنڊومستي وارن علائقن مان ايندڙ ۽ ڊرٻ ميهر شاھ جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻي جي لپيٽ ۾ آڻي وڏي تباهي آڻيندڙ برساتي پاڻي جو جائزو ورتو . ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ڳالهائيندي چيو ته خيرپور پير ڳوٺ تعلقي جي مختلف هنڌن تان لڳل 14 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪٽن ڊرٻ ميهر شاھ جي 50 کان وڌيڪ ٻهراڙيء وارن ڳوٺن کي پاڻي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ماڻهن جو جاني مالي وڏو نقصان ٿيڻ بعد روڊ رستن تي ويٺل آهن . ڪجهه ماڻهو پنهنجي نااهلي بي عقلي ۽ بي حسي لڪائڻ لاءِ کهڙا ۽ گمبٽ جي ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ مون مٿان ۽ ڊرٻ ميهر شاھ جي شهرين مٿان الزام تراشي ڪن ٿا ته کهڙا ۽ گمبٽ پاڻي ڊرٻ ميهر شاھ وارا موڪلين ٿا . خيرپور ۽ ڪنگري تعلقي جي بااثر ماڻهن پاران پاڻ کي بچائڻ لاءِ غيرقانوني طور ڪٽ ڏئي گمبٽ پپري سم نالي ۾ برسات جو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو .پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ڊرٻ ميهر شاھ سٽي وارن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪو به غيرقانوني ڪٽ ناهي لڳايو آهي اسان ۽ شهرين 20 لک ڪري شهر کي رنگ بند ڏياريو آهي ۽ برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ پپري سم نالي جي صفائي ڪرائي آهي ته جيئن پاڻي سم نالي ذريعي روهڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ٿئي . سيد محمد بچل شاھ جيلاني وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته کهڙا ۾ درگاهه ميان چنيه فقير درگاهه مخدوم شهيد عبدالرحمن ۽ گمبٽ ۾ دستگير جون درگاھون آهن  اسان جي انهن بزرگن سان  عقيدتن محبتن جا رشتا آهن کهڙا گمبٽ وارا اسان جا پاڙيسري ڀائر آهن انهن کي ڪنهن مصيبتن ۾ وجهڻ جو سوچي به نٿا سگهون .کهڙا ۽ گمبٽ کان وڌيڪ ڊرٻ ميهر شاھ متاثر ٿيو آهي کهڙا ۾ مخدوم منصور احمد ۽ گمبٽ ۾ حاجي عبداللطيف شيخ پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مصروف آهن انهن کي جس پيش ڪيان ٿو ته هو هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ماروئڙن سان گڏ بيٺل آهن ۽ پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مصروف آهن. ان موقعي تي ڊرٻ ميهر شاھ يوسي چيئرمين نذير احمد اڄڻ وائيس چیئرمین استاد نصير احمد ناريجو .صوفي امير بخش .حبيب الله اڄڻ پيپلز هاري ڪاميٽي تعلقي ڪنگري جو صدر دين محمد اڄڻ .استاد پنجل ٿيٻو مير محمد اڄڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.