ميرپورخاص ۾مليريا جا 300 ۽ ڊينگي جا 80 ڪيس ظاهر، صحت کاتي انگ اکرگهٽائي ڇڏيا

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڊينگي ۽ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ٻار سميت 4 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا. برساتن بعد متاثرن جا اهنج گھٽجڻ سبب وڌڻ لڳا آهن. ضلعي ۾ برساتن جو پاڻي بيهڻ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن پاران صفائي جو نظام بهتر نه بڻائڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري مليريا ۽ ڊينگي وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي. غيرسرڪاري انگ اکرن موجب ضلعي ۾ مليريا جا هڪ هفتي اندر 300 کان وڌيڪ جڏهن ته ڊينگي جا 80 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان 90 سيڪڙو مريضن صحت کاتي ميرپورخاص جي ڪارڪردگي تي بي اعتماد ظاهر ڪندي علاج خانگي ڊاڪٽرن کان ڪرائي رهيا آهن. ذريعن موجب مليريا ۽ ڊينگي وگھي هن وقت تائين تعلقي سنڌڙي ۾ فوت ٿي ويل هڪ نينگر ۽ عورت سميت 4 مريض موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن جڏهن ته صحت کاتي پاران قائم ڪيل ڊينگي جا آئيسوليشن وارڊ غيرفعال بڻيل آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ صحت کاتي پاران قائم ڪيل آئيسوليشن وارڊ کي ڪامورن جي نااهلي جي ڪري تالا لڳل آهن ۽ صرف نالي ماتر آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيل آهي، صحت کاتي پاران ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ قائم ڪيل آئيسوليشن وارد کي تالو لڳڻ هجڻ جو تصويريون ۽ پوسٽون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صحت کاتي جي ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو جنهن بعد سول اسپتال جي انتظاميا فوري طور آئيسوليشن وارڊ جو تالو کولرائي وارڊ جي صفائي ڪرائي وارد ۾ لڳل بيڊن تي صاف چادرون وڇائي صحت کاتي جي انتطاميا کي آل از ويل جي رپورٽ ڏني. سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران لڳ ڀڳ 60 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن، سرڪاري انگ اکرن موجب سامهون آيل  سمورا ڪيس ٻين شهرن کان آيل انهن ان لوڪل سطح تي ڪو به ڊينگي جي مرض ۾ مبتلا نه ٿيو آهي جڏهن ته مليريا جي ڦهلاءُ جي ڪيل ٽيسٽن مان 20 سيڪڙو ٻڌايو پيو وڃي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ ته ڊينگي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار چيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ ۾ مريضن نه هجڻ جي ڪري تالو هنيو ويو هو، جنهن کي کولايو ويو آهي، هن چيو ته اسان پاران گڏ ڪيل انگ اکرن موجب مهيني ۾ 80 ۽ هلندڙ هفتي ۾ 60 ڪيس ڊينگي جا ظاهر ٿيا آهن جن مان 4 مريضن جو سرڪاري اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. هن چيو ته انهن تمام ڪيسن مان ڪو به ڪيس ضلعي جو لوڪل ڪيس نه آهي، اهي تمام مريضن ٻين شهرن ۾ ڊينگي ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ميرپورخاص پنهنجن گھرن ۾ آيا آهن. هن چيو ته مليريا جي ڦهلجڻ جا انگ اکر 20 سيڪڙو آهن، اسان مليريا جا جيترا ڪيس ٽيسٽ ڪيا آهن، انهن مان 20 سيڪڙو ماڻهن کي مليريا پازيٽو آئي آهي، ڊينگي ۽ مليريا کي روڪڻ لاءِ ضلعي ۽ صحت کاتي جي انتظاميا گڏيل طور ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته اسان وٽ مليريا ۽ ڊينگي ۾ ڪنهن جي به فوت ٿيڻ جا انگ اکر ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.