کٿڙ لڳ روڊ تي کوٽيل نالي سبب حادثا ، 5 ڄڻا سخت زخمي

کٿڙ(رپوٽر: ناصر علي) کٿڙ لڳ وليج کٿڙ ۾کوٽيل نالي جي ڪري ماڻھو حادثي جو شڪار ۽ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. پي ايس 64 جي ڳوٺ وليج کٿڙ ۾ 2 مهينا پهرين پاڻيءَ جي نيڪالي لاءِ 6 فوٽ ويڪرو نالو کوٽيو ويو هو، جنهن جي ڪري رستو تنگ ٿي ويو آھي ۽ موٽر سائيڪل کي گذارڻ به ڏکيو ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ معزز ماڻھن هارون ملاح، نظرالدين ملاح، غلام محمد ملاح، نديم شورو ۽ خالد راٺوڙ  ٻڌائيندي چيو ته روڊ جي پاسي کان جڳھ نه هئڻ ڪري نالو 4 فوٽ روڊ مان کوٽيو ويو ھو، جنهن جي ڪري روڊ تان موٽرسائيڪل گذارڻ به ڏکيو ٿي ويو آھي ۽ مختلف 8 موٽرسائيڪلون نالي ۾ ڪرڻ جي ڪري ڪافي ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن ۽ کڏي ۾ پاڻي بيهڻ ڪري 4 ننڍڙا ٻار پڻ ٻڏڻ کان بچايا ويا آهن، ڳوٺ وارن جو چوڻ آھي ته اسان کي نالو کوٽائڻ کان پهرين ٻڌايو ويو هو ته جلد توهان کي نالو پڪو ڪرائي ڏنو ويندو، پر اسان کي نالو کوٽائي ڪروڙن جو سرڪاري روڊ ٽوڙائي ٻيڻي تڪليفن ۾ وجهڻ کانپوءِ واپس نهاريو به ناهي، ڳوٺ وارن جو چوڻ آھي ته اسان کي نالو پڪو ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اهڙي قسم جي حادثن کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ ڪنهن به نقصان جي زميوار ضلعي انتظاميا، علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ ڊي سي حيدرآباد هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.