سول جج پير ڳوٺ ٽينٽي سٽي پهتو، متاثرن کان اهنجن بابت پڇاڳاڇا

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) سول جج پيرجوڳوٺ خالد ستار سومرو ۽ ڪنگري بار جي صدر روشن علي ميتلو، ايڊوڪيٽ شمس الدين لاڙڪ، ايڊوڪيٽ بشير احمد ڀنڊ ۽ ٻين ريسٽ هائوس پيرجوڳوٺ ۾ قائم ٿيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن کان کاڌ خوراڪ، دوائن سميت ٻين سهولتن بابت ڄاڻ ورتي ۽ چيو ته هن مشڪل وقت ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسون. کين هر سهولت فراهم ڪئي ويندي.. متاثرن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي .ان موقعي تي اسسٽنٽ  ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر به موجود هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.