بٺوري جي استاد تعليم جي بهتري لاءِ مثال قائم ڪري ڇڏيو

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو جي نوجوان استاد تعليم جي بهتري لاءِ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي، بند پيل اسڪول تي مقرري بعد استاد پاران ذاتي ڪوششن سان ڪريڪيولم سرگرمين سبب آسپاس جي ڳوٺن جا ٻار به اسڪول اچڻ لڳا، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جو پرائمري اسڪول غلام محمد خاصخيلي گذريل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل هو، جتي 2015 ۾ نوجوان استاد جگديش مهاراج جي مقرري بعد تعليمي عمل بحال ڪرڻ چيلينج بڻجي ويو هو، جڏهن ته نوجوان استاد جگديش پاران ذاتي ڪوششون وٺي اسڪول ۾ پڙهائي سان گڏ مختلف سرگرميون شروع ڪيون ۽ ڏورانهين ڳوٺ جي ٻارڙن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي جا ايڪسپوزر وزٽ ڪرائي کين مشهور ماڳن بابت ڄاڻ ڏني جڏهن ته استاد پاران هر جمعي ۽ ڇنڇر تي پڙهائي سان گڏ مختلف سرگرميون پڻ منعقد ڪيون وڃن ٿيون جنهن ۾ سنڌ جي مشهور شخصيتن شاھ عبداللطيف ڀٽائي، صوفي شاھ عنايت ۽ ٻين بابت ڄاڻ لاءِ سوال ۽ جواب جا مقابلا ڪرايا وڃن ٿا ۽ جڏهن ته استاد جي محنت کي ڏسندي آسپاس جي 3 ڪلوميٽرن تائين جي ڳوٺن جا والدين پنهنجن ٻارڙن کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي جنهن سان اسڪول ۾ داخل ٻارڙن جو تعداد 70 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، استاد جگديش مهاراج صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم سڀني ٻارن جو حق آهي ۽ ڏورانهن ڳوٺن ۾ تعليم بابت ڪوششون وٺڻ ڪنهن چيلينج کان گهٽ نه آهن، هن چيو ته اسڪول ۽ ٻارڙن جي وڌندڙ داخلا سبب وڌيڪ هڪ استاد جي ضرورت آهي جنهن لاءِ لاڳاپيل عملدار اسڪول تي وڌيڪ هڪ استاد مقرر ڪن ته جيئن ٻارڙن کي بهتر نموني تعليم ڏئي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.