ڪراچي جي ٻن تڪن تي چونڊ کٽڻ لاءِ پراميد آهيون: نثار کهڙو

ملير(ڊ.ر) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ضلعي ملير ۽ ضلعي سائوٿ جي عهديدارن، سٽي ايرياز، وارڊز جي عهديدارن ۽ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان چيئرمين، وائيس چيئرمينن، ڪائونسلرن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ضلعي ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد، جنرل سيڪريٽري محمد ساجد جوکيو، ضلعي سائوٿ جو صدر خليل هوت ۽ ٻيا موجود هئا، ان موقعي تي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ جيالن هميشه پارٽي جو هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ ان کان اڳ ڪراچي جي ٻن قومي اسيمبلي جي تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن لاءِ پراميد آهن، اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي سان هميشه چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي ۽ ڌانڌلي ذريعي شڪست کاڌي آهي پر هن ڀيري اسان جا جيالا اهڙين سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا هن ڀيري ڪراچي ڊويزن بلدياتي چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي، پيپلز پارٽي جي صدر سلمان عبدالله مراد چيو ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 237 جي ضمني چونڊ ۽ ان کانپوءِ ضلعي ملير ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ اميدوار ۽ ڪارڪن تياري ۾ مصروف آهن، ان موقعي تي پيپلز پارٽي سائوٿ جي صدر خليل هوت چيو ته هن ڀيري لياري  جي جيالا لياري جي سمورن يونين ڪائونسلن مان اعليٰ قيادت کي ڪاميابي جو تحفو پيش ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.