لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر کان موٽر سائيڪل ڦر، احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري محلا ڊاڪٽر غزالا ڀٽي جي اسپتال ٻاهريان چاليهي جي ڏينهن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي پروفيسر محمد يونس جي پٽ دانش علي جتوئي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. جنهن واقعي ۾ ملوث ڦورن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي ۽ نه ئي موٽرسائيڪل واپس ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان سپلا ضلعي لاڙڪاڻي جي وفد ضلعي صدر پروفيسر ملھار سنڌي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر شھاب الدين مگڻ، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي يونٽ جي صدر پروفيسر مبين احمد لانگاهه ۽ پروفسسر محمد يونس جتوئي سان گڏجي سول لائين ٿاڻي پھچي ٿاڻي جي انچارج پوليس آفيسر کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پروفيسر محمد يونس جي موٽرسائيڪل واپس نه ڪرائي وئي ته ٻي صورت سپلا ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.