اڪري لڳ نينگر ٻڏي ويو، بيهوشي جي حالت ۾ هٿ، اسپتال منتقل

اڪري چودڳي (ن ع آ)   اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ سوڍل لاشاري واسي 8 سالا ديدار پٽ عبدالستار لاشاري  گهرڀرسان بيٺل برساتي ۽ واه جيگهاري واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن کي وارثن پاران اڌ ڪلاڪ جي ڳولا بعد بيٺل پاڻي بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪيو ۽طبي امداد لاء ڪرونڊي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن نلڪين ذريعي پيٽ مان پاڻي ڪڍي سندس حياتي بچائي ورتي وارثن موجب فيض گنج واه کي گهارو لڳو هو جنهن جو پاڻي اسان جي ڳوٺ گهرن ۽زمين ۾ بيٺل آهي ان ڪري معصوم ٻار ٻڏڻ جو خطرو هر وقت موجود آهي بيٺل پاڻي نيڪال ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.