فطري وهڪرا بحال ڪيو، چمبڙ ۾سنڌ هاري ڪميٽي جو احتجاج

چمبڙ ( رپورٽ پرڪاش ڪمار ) فطري وهڪرا بحال ڪريو، سنڌ هاري ڪميٽي پاران چوٿين ڏينهن به احتجاج، ريلي، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ باغي ڪالرو، باغي وقار بوزدار ۔ ۽ آبادگار اڳواڻ مير مرتضي` اوٺو به ساٿين سميت شريڪ۔ اسان کي ڪنهن ٻوڙيو ۔هنن حڪمرانن ٻوڙيو جا نعرا، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار پپلز پارٽي جي ايم پي اي جي پٽيوالي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي ۔ مير مرتضي` اوٺو۔جيستائين فطري لنگهن تي وڏيرن جا قبضا رهندا اسان جو احتجاج جاري رهندو ۔ارباب رستماڻي ۔تفصيل موجب اڄ چوٿين ڏينهن به سنڌ هاري ڪميٽي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي ڪيمپ جاري رهي ، ڪيمپ ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ باغي ڪالرو ۔ وقار بوزدار به ساٿين سميت شرڪ ٿيا جنهن بعد ڪمشنر آفيس کان بچاڻي پيٽرول پمپ تائين ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۔ سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ ارباب رستماڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي احتجاجي ڪيمپ کي اڄ چوٿون ڏينهن آھي ۔ پر اڃان تائين اي سي صاحب آفيس ئي ناهي ڪيو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

۔ ڊي سي ٽنڊوالهيار ۔ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ وڏي دعوا ڪري رهيا آھن ته اسان پوري تعلقي چمبڙ جو پاڻي نيڪال ڪرائي رهيا آھيون پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي ۔اسان جڏهن بشيرآباد پمپنگ اسٽيشن تي وياسين ته خبر پئي ته پاڻي جي نيڪال لاء مشينون هلي ئي ناهن رهيون ۔صرف ڊيزل جا بل ٺاهيا پيا وڃن ۔ ۽ ڪلهه تازو ئي ديهه ٺل يوسي داد جروار ۾ معصوم نينگر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جي ايف آئي آر ڪرپٽ ڊي سي ٽنڊوالهيار ۔فوڪل پرسن ۔چونڊيل نمائندن ۽ اي سي چمبڙ تي داخل ڪئي وڃي. ڪامريڊ گلاب ڀيل ڳالهائيدي چيو ته اسان جا مطالبا جائز آھن ۔فطري لنگهن تي قبضا ڪري چمبڙ سميت پوري سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي ڊالر وصول ڪيا پيا وڃن ۔ ڪامريڊ باغي ڪالرو ۔ڪامريڊ وقار بوزدار ڳالهائيندي چيو ته اها رياست جي ذميواري آھي پاڻي نيڪال ڪرائڻ بدران رڳو بل ٺاهڻ ۾ مصروف آھي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.