ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مٽياري ۾ ريلي، احتجاج

مٽياري ( ڊ ر) مختلف سياسي . سماجي . قومپرست ۽ مذھبي جماعتن جي گڏيل اتحاد مٽياري عوامي اتحاد پاران ضلعي انتظاميا خلاف برسات متاثرن ۾ ڪرپشن ۽ متاثرين جي واھر نہ ڪرڻ خلاف مٽياري عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڄام شوڪت ابڙو . مسلم فنڪشنل اڳواڻ نصير ميمڻ . جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام . رشيد ڏيٿو . ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفي رند جي اڳواڻي ۾ بائو ديرو کان ريلي ڪڍي مٽياري شھر کان ٿيندا ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي ۾ مختلف پارٽين کا سوين ڪارڪن شريڪ ھئا جيڪي چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا خلاف شديد نعريبازي ڪري رھيا ھئا مظاھرين جو چوڻ ھو تہ تازين برساتن کان پوء مٽياري ضلعو 80 فيصد ٻڏي ويو آھي 90 فيصد فصل تباھ ٿيا آھن سوين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن ماڻھو رليف ڪئمپن ۽ روڊن جي پاسن سان بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ اسان جي حڪومت ڪستو کڻي دنيا کان خيرات پنڻ جي پويان لڳل آھي دنيا مان بہ اربين رپيا مليا آهن پر اھي اربين رپيا روڊن تي ويٺل مسڪينن بجائي بنگلن ۾ ويٺل وڏيرن کي ڏنا پيا وڃن مظاھرين جو چوڻ ھو تہ ڊپٽي ڪمشنر انتھائي نااھل آھي جيڪو برسات متاثرن جي سار لھڻ بجائي مخدوم ھائوس جي حاضري ۾ لڳو پيو آهي حڪومت پاران ھزارين روشن بيگز . ھزارين خيما . ھزارين مڇردانيون ڏنيون ويون آھن.  پر  اسان جو ڊي سي اڌ کان وڌيڪ سامان ھتي جي نمائندن جي بنگلن تي پھچايو ويو آھي مٽياري عوامي اتحاد مطالبو ڪيو تہ ڪرپٽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي فوري طور ھٽائي ڪنھن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري عوام جي ڏکن جو ازالو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.