ٿاڻو بولا خان لڳ ڪئمپ ، 16 سئو کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ)شري گرو منگل گر سنگيت شيوا منڊلي طرفان  درگاهه محمد علي فقير ٿاڻوعارب خان  ۾  فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي  وئي، جنھن ۾ 1665  کان مٿي مريض پھتا جن  جو چيڪ اپ ڪري کين مفت ۾ دواءون ڏنيون ويون شگر مليريا جون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون جنھن ۾ اڪثر ھتان جي ٻارن ۾ مليريا جا ڪيتراءي پيشنٽ ظاھر ٿيا جن ۾ گھڻاءي ننڍڙن ٻارن جي هئا ھتان جي ماڻھن ۾ رت جي ڪمي کوٽ  هئي شيوامنڊلي جي ساٿين پاران ھتان جي ٻارن کي دوا سان گڏ رانديڪا بسڪيٽ ۽ ٻيون شيون  ڏنيون ويون ماڻھن کي ماني کارائي  وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.