ڳجهڙ۾ برسات بعد گهر ڊهي پيا، ڏوڪري ۾ احتجاج

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري تعلقي يونين ڪائونسل ڳجهڙ ۾ برسات سبب گهر ڪري پٽ ٿي ويا فصل تباھ ٿي ويا، متاثرن جي ڪنهن سار نه لڌي ڳوٺ محمد ڇٽل ابڙو ،ڳوٺ محمد پريل ابڙو، نور آباد ڌڻي بخش کوکر ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي غلام ياسين ابڙو. شاهد علي ابڙو. علي گل ڪلهوڙو. حاجي شاهنواز ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته اسان  جا گهر فصل تباھ  ٿي ويا آهن، پر اسان جي ڪنهن به واھر ناهي ڪئي، مسلسل برسات پوڻ سبب ٻه سو کان وڌيڪ گهر ڊهي ويا آهن کليل آسمان هيٺ رهون ٿا اسان جا معصوم گلن جهڙا ٻارڙا مڇرن جي آزار سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٽينٽ راشن ۽ گهر ٺهرائي ڏئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.