لاڙڪاڻي ۾ راند ڪندي نينگر برسات پاڻي ۾ ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نئون ديرو چوڪ عبدالله ڪالوني ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل برساتي پاڻي ۾ راند کيڏڻ دوران 12 سالن جو نينگر ثاقب پٽ واجد منگي ٻڏي ويو جتي نينگر جي رڙين تي وارثن پهچي کيس برساتي پاڻي مان ڪڍرائي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا ۽ ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. هوڏانهن اهڙي واقعي ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي فوتي نينگر جي والد واجد منگي پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيو ته تازو طوفاني برساتن کي بند ٿيندي 25 ڏينهن گذري ويا آهن پر انتظاميه هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي اڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.